21 بدھ , فروری 2018

سينيٽ اليڪشن: صوبائي اسيمبلي جا 9 ميمبر ووٽ ڏيڻ جا اهل ناهن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي سينيٽ اليڪشن ۾ صوبائي اسيمبلي جا 9 ميمبر ووٽ ڏيڻ لاءِ اهل نه ٿيندا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي جي 7 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 2 ميمبرن جي رڪنيت 15 آڪٽوبر 2017 کان هن وقت تائين معطل آهي ۽ اثاثن جي تفصيل جمع ڪرائڻ تائين ميبمرن جي رڪنيت معطل رهندي. اليڪشن ڪميشن 2018 جي سينيٽ چونڊن لاءِ ووٽرن جا تفصيل لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسرن ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن. سنڌ اسيمبلي جا ميمبر محمد اسماعيل راهو، مخدوم خليل الرحمان، محترمه ثانيه، محمد ڪامران، رخسانه پروين، ارم عظيم فاروقي ۽ بلقيس مختيار به رڪنيت معطل هئڻ سبب ووٽ ڏيڻ جا اهل ناهن رهيا جڏهن ته اسيمبلي جا ميمبر سردار محمد جمال لغاري ۽ عبدالمجيد نيازي به ووٽ ڏئي نه سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايم ڪيو ايم پاڪستان  ڇڙوڇڙ: پ پ سنڌ مان سينيٽ جون سموريون سيٽون کٽڻ لاءِ متحرڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اختلافن جو فائدو وٺڻ لاءِ سياسي پنڊت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے