21 بدھ , فروری 2018

برطانوي پارليامينٽ جا 20 سيڪڙو ملازم جنسي هراسمنٽ جو شڪار رهيا: رپورٽ

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ هر پنجن مان هڪ فرد گذريل سال جنسي هراسان ۽ غير انساني سلوڪ جو نشانو بڻيو. برطانوي پارليامينٽ طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ هر پنجن مان هڪ فرد کي گذريل سال دوران جنسي طور هراسان ڪيو ويو يا وري ان کي اڻ وڻندڙ سلوڪ کي منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ موجب اهڙن روين کان بچائڻ لاءِ شڪايتون جمع ڪرائڻ جو نئون نظام آڻڻ سان گڏ اداري جي ثقافت ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ ۽ اهڙي ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن لاءِ سزا جي سفارش ڪئي وئي آهي. هائوس آف ڪامن جي سربراهه اينڊريا ليڊسم جو ان موقعي تي چوڻ هو ته اڄوڪو ڏينهن برطانوي پارليامينٽ ۽ سياست جي لاءِ اهم آهي. جنسي هراسمنٽ بابت نئون نظام ۽ قانون آڻڻ سان اسان جو پارليامينٽ سموري دنيا جو بهترين پارليامينٽ بڻجي ويندو، جيڪو پنهنجي ملازمن کي ڪم ڪرڻ دوران عزت به ڏيندو. برطانوي پارليامينٽ پاران تيار ڪيل رپورٽ موجب پارليامينٽ جي 20 سيڪڙو ماڻهن جنسي طور تي هراسان ڪرڻ خلاف دانهون ڪيون اهڙي شڪايت ڪرڻ ۾ عورتن جي انگ مردن جي ڀيٽ ۾ ٻه سيڪڙو وڌيڪ هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چين سان مقابلي لاءِ آسٽريليا، آمريڪا، جاپان ۽ ڀارت هڪ ٿي ويا

سڊني (ويب ڊيسڪ) هڪ رپورٽ موجب آسٽريليا، جاپان، آمريڪا ۽ ڀارت چين جي وڌندڙ اثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے