28 سومر , مئي 2018

نواز شريف جيل نه وڃي ته منهنجو نالو راڻا ثناءُ الله رکجو: شيخ رشيد

لوڌران(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته نواز شريف پاناما ليڪس ۾ نااهل ٿيو آهي ۽ هاڻ جيل به ويندو جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته منهنجو نالو راڻا ثناءُ الله رکي ڇڏجو. لوڌران ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي عدالت عظميٰ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي پر اهي پاڻ کي شيخ مجيب الرحمان سمجهندا آهن ۽ عالمي ايجنڊي جي تحت فوج ۽ عدليه کي بدنام ڪرڻ چاهن ٿا. هن چيو ته نواز شريف آزاد ڪشمير ۾ جلسو ڪندو آهي ۽ مودي جو نالو ناهي وٺندو جڏهن ته هن اڄ تائين ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو جي حوالي سان ڪو به بيان ناهي ڏنو ۽ نه ئي ڪنهن تقرير ۾ ان جو ذڪر ڪيو. شيخ رشيد چيو ته مون موجوده وزير اعظم  شاهد خاقان عباسي خلاف  به ڪيس ڪيو آهي ۽ کيس ايل اين جي ڪيس ۾ سزا ڏياريندس.  الله چاهيو ته جلد نواز شريف سميت سمورا چور جيل ۾ ويندا ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته منهنجو نالو راڻا ثناءُ الله رکي ڇڏجو، اڄ قوم وٽ عمران خان کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت آءِ ايس پي آر کي فيض آباد ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي لاءِ اختيار ڏنا: رپورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فيض آباد ڌرڻي بابت بچاءَ واري وزارت جي رپورٽ موجب وزير اعظم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے