15 اربع , آگسٽ 2018

دهشتگردي گهٽ ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار جو خرچ ادا ڪرڻ گهرجي: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، ان ڪري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آمريڪا کي ڪنڊيدار تار جو خرچ ادا ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير خواجا آصف جو چوڻ هو ته پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ وارو ڪم 2019ع جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو. خواجا آصف جو چوڻ هو ته 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو روزاني سرحد پار ڪندا آهن پر ڪنڊيدار لڳائڻ سان سرحد جي آر پار عسڪريت پسندن جي اچ وڃ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي ان ڪري دهشتگردن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ آمريڪا کي ڪنڊيدار تار جو خرچ ادا ڪرڻ گهرجي.  هن چيو ته گذريل سال 6 لک افغاني پناهه گير پنهنجي ملڪ واپس موٽي ويا جن مان هڪ وڏو انگ پاڪستان ٻيهر اچي چڪو آهي. هن چيو ته افغان پناهه گير ڪيمپ ۾ عسڪريت پسندي پروان چڙهي رهي آهي، ان ڪري انٽرنيشنل ڪميونٽي کي افغانستان واپس ايندڙ ماڻهن لاءِ وڌيڪ بندوبست ڪرڻ گهرجن.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان تي الزامن بابت پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آمريڪا سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي، ٻنهي پاسن کان معاملن کي معمول تي آڻڻ  جون ڪوششون جاري آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

We live in protest, we will take the Punjab Assembly in a better way: Pervaiz elahi

احتجاج هلندا رهندا آهن، پنجاب اسيمبلي کي بهتر انداز ۾ هلائينداسين: پرويز الاهي

 لاهور(ويب ڊيسڪ) ق ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي نامزد اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے