24 خميس , مئي 2018

ايل اين جي معاهدو: سپريم ڪورٽ ۾ وزير اعظم خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايل اين جي معاهدي بابت وزير اعظم شاهد خاقان عباسي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد طرفان ايل اين جي معاهدي بابت قانوني طريقو استعمال ڪندي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. درخواست ڪندڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي ايل اين جي معاهدي کي ڪالعدم قرار ۽ وزير اعظم کي نااهل قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي. عدالت درخواست جي شروعاتي ٻڌڻي لاءِ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ 12 فيبروري تي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. ان حوالي سان شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مهانگي ايل اين جي خريدي قوم کي بيوقوف بڻايو، ان ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے