24 ہفتہ , فروری 2018

بختاور جو قانوني نوٽيس، بينظير ڀٽو جي زندگي تي ڪتاب جي مهورت ملتوي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ لٽريچر فيسٽيول جي انتظاميه اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو طرفان قانوني نوٽيس موڪلڻ بعد اڳوڻي سفير ۽ سياستدان عابده حسين جي ڪتاب جي مهورت ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عابده حسين جي نئين ڪتاب اسپيشل اسٽار بينظير ڀٽو ۾ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي زندگي جي مختلف رخن تي روشني وڌي وئي آهي. بختاور ڀٽو زرداري قانوني نوٽيس ۾ چيو آهي ته عابده حسين بينظير ڀٽو سان پنهنجي ڪوڙي وابستگي ظاهر ڪري غلط تاثر ڏيڻ ۽ بينظير ڀٽو کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ايونٽ جي آرگنائيزر امينه سيد موجب ڪتاب جي مهورت روڪي وئي آهي ۽ پروگرام جي نئين شيدول ۾ ترميم ڪري عابده حسين جو نالو ميلي ۾ شامل مصنفن جي لسٽ مان به هٽايو ويو آهي. ٻئي طرف عابده حسين جو چوڻ آهي ته کيس آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان ڪال ملي آهي جنهن ۾ کيس ٻڌايو ويو آهي ته 3 نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ هڪ مون کي جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سندس ڪتاب ۾ ڪابه ناڪاري ڳالهه ناهي، واضح ناهي ته کين ڪهڙي ڳالهه خراب لڳي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے