20 منگل , فروری 2018

ڀارتي هوائي فوج جو گروپ ڪيپٽن پاڪستان لاءِ جاسوسي جي الزام هيٺ گرفتار

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي پوليس پاڪستاني انٽيلي جنس اداري آءِ ايس آءِ لاءِ مبينا طور جاسوسي ڪرڻ ۽ نهايت ڳجهي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي الزام هيٺ ڀارتي هوائي فوج جي هڪ گروپ ڪيپٽن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب نئين دهلي پوليس انڊين ايئر فورس جي گروپ ڪيپٽن ارون مرواها کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس آفيسرن مٿس آءِ ايس آءِ کي نهايت ڳجها دستاويز ۽ ٻي ڳجهي ڄاڻ ڏيڻ جو الزام هنيو ويو آهي.  ڊپٽي ڪمشنر پوليس پرمود خوشوا 51 ورهين جي اورن مرواها جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو ته جوابدار پنهنجي سفارٽ فون ذريعي ايئر فورس هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيل مشقن بابت دستاويزن جون تصويرون ڪڍي واٽس ايپ ذريعي موڪليندو رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب گروپ ڪيپٽن ارون مرواها کي پابندي باوجود ايئر فورس هيڊ ڪوارٽر ۾ سمارٽ فون آڻيندي ڏٺو ويو آهي جنهن بعد هوائي فوج جي سينٽرل سڪيورٽي اينڊ انويسٽيگيشن ٽيم سندس نگراني شروع ڪئي، سندس آن لائن سرگرمين تي به نظر رکي وئي. انڊين ايئر فورس کيس 31 جنوري تي شڪي حرڪتن تان گرفتار ڪيو، نئين دهلي جي هڪ عدالت جوابدار کي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميلانيا جي ناراضگي برقرار، فلوريڊا ۾ ٽرمپ کي ٻيهر شرمندگي کي منهن ڏيڻو پئجي ويو

فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس گھرواري جي وچ ۾ هينئر تائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے