23 اربع , مئي 2018

پاڪستانين جي اثاثن جي ڄاڻ لاءِ سوئٽزرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات سان رابطو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستانين جي اثاثن جي ڄاڻ لاءِ سوئٽزر لينڊ ۽ گڏيل عرب امارات سان رابطو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري ممڪلتي وزير راڻا محمد افضل سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا محمد افضل چيو ته اسان دبئي ۽ سوئٽزر لينڊ جي اختيارين سان رابطن جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو مقصد پاڪستانين جي اثاثن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۽ سوئٽزر لينڊ آرگنائيزيشن آف اڪنامڪ ڪو آپريشن اينڊ ڊولپمينٽ جا ميمبر ملڪ آهن جنهن تحت ميمبر ملڪن جي شهرين جي اثاثن جي ڄاڻ شيئر ڪرڻ لازمي آهي. سندس چوڻ هو ته او اي سي ڊي ميمبر ملڪن وچ ۾ ڄاڻ جي شيئرنگ ڪرڻ جي شروعات پهرين جنوري 2018ع کان ڪئي وئي آهي. ممڪلتي وزير چيو ته جن ماڻهن پنهنجي رقم پرڏيهه منتقل ڪئي وٽن حڪومت طرفان جوڙيل ايمنسٽي اسڪيم ذريعي پاڪستان ۾ ڄاڻايل اثاثن تي مخصوص ٽيڪس ادا ڪري قانوني شڪل ڏيڻ جو وقت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت جي بنا سبب فائرنگ، هڪ شهري شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ورڪنگ بائونڊري تي بنا سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے