23 اربع , مئي 2018

اي بي ڊيوليئرز جي ڀارت خلاف چوٿين ون ڊي ميچ ۾ واپسي

ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين اي بي ڊويليئرز ڀارت خلاف ون ڊي سيريز جي آخري ٽن ميچن لاءِ ٻيهر اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويو آهي. اي بي ڊويليئرز انجري سبب ڀارت خلاف 6 ون ڊي ميچز جي سيريز ۾  شروعاتي ٽن ميچن مان ٻاهر ٿي ويو هو جنهن ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم کي شڪست ملي. ڊويليئرز جي انجري مان ڇوٽڪاري کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي. ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت ۾ 10 جنوري تي ٿيندڙ چوٿين ون ڊي ميچ ڇاتي جي ڪينسر کان آگاهي لاءِ گلابي بال سان کيڏي ويندي ۽ اها ميچ اهڙي نوعيت جي ڇهين ميچ هوندي. ڏکڻ آفريڪا کي سيريز بچائڻ لاءِ ميچ کٽڻي پوندي ۽ رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته پروٽيز گلابي بال سان کيڏيل اڄ تائين ڪنهن به ميچ نه هارائي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan Football Federation acquired Brazilian trainer services

پاڪستان فٽبال فيڊريشن برازيل جي ٽرينر جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي رانديگرن جي تربيت جي لاءِ برازيل جي ڪوچ کانپوءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے