23 اربع , مئي 2018

رابطا ڪميٽي جو اجلاس شام طلب، ٽڪيٽون ڏيڻ جو فيصلو مان ڪندس: فاروق ستار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته مان آئيني ۽ چونڊيل سربراهه آهيان، ڪنهن کي منهنجي نيت تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته منهنجي تدبر ۽ تجربي تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پارٽي ۾ غلطي ڪير به ڪري غلطي سربراهه کي ڀوڳڻي پوندي آهي. سندس چوڻ هو ته مان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه طور شام ستين وڳي بهادر آباد ۾ اجلاس طلب ڪيو آهي،  ڳالهين جو تاثر ڏيڻ غلط آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جيڪڏهن ذميواريون سربراهه وٽ آهن ته اختيار به کيس ئي ملڻ گهرجن. هن چيو ته ويٽو پاور حاصل ڪرڻ جون ڳالهيون غلط آهن، رابطا ڪميٽي مون کان ذميواريون واپس وٺي پوءِ ڀلي پاڻ فيصلا ڪري سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته مان فروغ نسيم کي ڪنوينر هٽائڻ بابت ڳالهه جو جواب نه ٿو ڏيڻ چاهيان، مخالفن صورتحال مان فائدو وٺي واويلا ڪندا آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته سربراهه مان آهيان، ٽڪيٽون ڏيڻ جو فيصلو به مان ئي ڪندس. هن چيو ته اختلاف راءِ جو سڀني کي حق آهي، اختلافن باوجود ڪم ڪرڻ جو رستو ڪڍڻ ضروري هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته مان ڪابه اهڙي ڳالهه نه ڪندس جنهن سان ماحول خراب ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision of the PPP not to be presented for the next financial year

ڪي پي جو حڪومت ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپخونخواهه حڪومت ايندڙ مالي سال 19-2018 جو بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے