21 بدھ , فروری 2018

انتظار قتل ڪيس غلطي کان وڌيڪ آهي پر مجرماڻي سازش ناهي: ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ اينٽي ڪار لفٽنگ سيل اي سي ايل سي جي اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جي جاچ ڪندڙن چيو آهي ته انتظار قتل ڪيس ۾ ڪابه مجرماڻي سازش ناهي،  سينئر پوليس آفيسر مقدس حيدر جي قتل ۾ ملوث هئڻ جون شاهديون به نه مليون آهن پر واقعو هڪ غلطي کان وڌيڪ آهي. سي ٽي ڊي انچارج ڊي آءِ جي پرويز احمد چانڊئي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته انتظار جي قتل جي معاملي ۾ ڪابه اهڙي شاهدي نه ملي آهي جنهن مان اهو ثابت ٿي سگهي ته قتل جي پويان مجرماڻي سازش آهي. هن چيو ته پوليس وٽ قتل جو لائسنس ناهي، پوليس رڳو پنهنجي دفاع ۾ فائرنگ ڪري سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته اي سي ايل سي جي اهلڪارن نوجوان جي گاڏي کي روڪيو ته ڪابه جهڙتي نه ورتي وئي ايستائين جو گاڏي جو شيشو لاهي اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نوجوان آخر ڪير آهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي چيو ته مقدس حيدر جي قتل ۾ ملوث هئڻ جون ڪي به شاهديون نه مليون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے