16 خميس , آگسٽ 2018

عاطف اسلم جو نئون گانو” جب ڪوئي بات “ انٽرنيٽ تي مشهور ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم جي نئين گاني ” جب ڪوئي بات“ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. عاطف اسلم ڪيترين ئي بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪري پنهنجي آواز سان حڪمراني ڪئي آهي. هاڻي 1990ع ۾ رليز ٿيل بالي ووڊ فلم جرم جو مشهور گانو جب ڪوئي بات بگڙ جائي جي ريميڪ سان عاطف اسلم جي واپسي ٿي آهي جيڪو هن ڀارتي گلوڪارن شرلي سيٽيا ۽ ڊي جي چيتاز سان گڏجي ڳايو آهي. گاني جي پروڊڪشن وينس ۽ ورلڊ وائڊ انٽرٽينمينٽ جي آهي.  6 فيبروري تي رليز ٿيل گاني جي وڊيو يو ٽيوب ٽاپ لسٽ ۾ شامل آهي ۽ ٻن ڏينهن دوران 10 ملين کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي. وڊيو لاءِ ٽنهي گلوڪارن ٿائي لينڊ ۾ ٿيل هڪ شادي ۾ اوچتو اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ گهوٽ ڪنوار سميت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Akbar was on the way to traffic to control traffic

اڪشي ڪمار ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پاڻ روڊن تي نڪري پيو

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سپر اسٽار اڪشي ڪمار ڀارت ۾ ٽريفڪ جي خراب نطام کي ٺيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے