24 خميس , مئي 2018

چين پاڪستان کي آسيان ملڪن جي برابر رعايت ڏيڻ تي راضي

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين پاڪستان کي آسيان ملڪن جي برابر رعايت ڏيڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. پاڪستان ۽ چين ۾ آزاد واپار ٺاهه تي ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن. ٻنهي ملڪن ۾ آزاد واپاري ٺاهه تي ايندڙ مهيني صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي، ايف ٽي اي ٽو تحت ڳالهيون جو نئون دور چين ۾ ٿيو. ذريعن موجب چين آزاد واپاري ٺاهه بابت پاڪستان جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان کي آسيان ملڪن جي برابر رعايت ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي. چين اليڪٽرانڪ ڊيٽا جي مٽاسٽا تي به راضپو ظاهر ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ انڊر انوائسنگ جا امڪان گهٽ ٿي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالفن مون کي ڪڍي پاڪستان جي ترقي جو ڦيٿو بيهاري ڇڏيو: نواز شريف

اٽڪ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته مخالفن مون کي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے