23 اربع , مئي 2018

اوجڙي ڪيمپ سانحي کانپوءِ شاهد خاقان عباسي سياست شروع ڪئي: خاتون اول

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) خاتون اول ڊاڪٽر ثمينا شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اوجڙي ڪيمپ سانحو اسان لاءِ تمام وڏو هو جنهن اسان جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي، شاهد خاقان عباسي ان سانحي سبب سياست شروع ڪئي. خاتون اول ڊاڪٽر ثمينا شاهد خاقان عباسي پهريون ڀيرو هڪ انٽرويو ڏيندي چيو ته منهنجو سهرو چاهيندو هو ته سندس وڏو پٽ سياست شروع ڪري پر حادثي سبب شاهد خاقان عباسي کي سياست ۾ اچڻو پئجي ويو. اوجڙي ڪيمپ سانحي ۾ شاهد خاقان عباسي جو والد ايئر ڪموڊور خاقان عباسي به شهيد ٿي ويو هو.  انٽرويو دوران خاتون اول ٻڌايو ته شاهد خاقان عباسي تمام گهڻي سادي زندگي گذاريندو آهي ۽ کاڌي ۾ کيس ڪنهن به قسم جو گوشت پسند ناهي، هو داليون ۽ سبزيون وڌيڪ پسند سان کائيندو آهي، سندن پسنديده سبزي ڀينڊي آهي. هن چيو ته گهر جي ڪنهن به ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ وٽس وقت ئي ناهي پر جيڪڏهن کيس ڪٿي وڃڻو پوندو آهي ته هو پنهنجي پيڪنگ پاڻ ڪندو آهي. خاتون اول چيو ته مون کي ۽ وزيراعظم کي سياحت جو تمام گهڻو شوق آهي جيڪڏهن اهو چئجي ته هو سياحت ۾ ماهر آهن ته غلط نه هوندو. ثمينا شاهد خاقان عباسي چيو ته ٻارڙن جي وابستگي شروع کان ساڻس رهي پر سندن رول ماڊل شاهد خاقان عباسي ئي آهي.  هن چيو ته وزيراعظم جي طبيعت ۾ ڪاوڙ بلڪل ناهي، مان اڄ تائين کيس ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو آهي اڄ تائين ٻنهي ۾ جهيڙو نه ٿيو آهي ۽ هن سموري حياتي منهنجي تمام گهڻي حمايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت جي بنا سبب فائرنگ، هڪ شهري شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ورڪنگ بائونڊري تي بنا سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے