21 بدھ , فروری 2018

ليبيا ۾ ٻڏي فوت ٿيل پاڪستانين جا لاش ٽن ڏينهن اندر واپس آندا ويندا: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ليبيا ۾ مارجي ويل پاڪستانين جو لاش ٽن ڏينهن تائين پاڪستان واپس آندا ويندا. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته رحمت خان نالي پاڪستاني شهري ليبيا ٻيڙي حادثي ۾ بچي نڪتو آهي جڏهن ته ٻين چئن ڄڻن بابت ڄاڻ نه ملي آهي، ليبيا ۾ ٻڏي ويل پاڪستانين جا لاش ٽن ڏينهن تائين واپس آندا ويندا. ڊاڪٽر فيصل چيو ته جنوري 2017ع کان ڪلڀوشن جا ڀارتي دستاويز گهري رهيا آهيون پر ڀارت وٽ سندس رٽائرمينٽ جا ڪي به دستاويز نه آهن. هن چيو ته ڀارت جواب ئي نه ڏئي سگهيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو وٽ حسين مبارڪ جو پاسپورٽ ڪيئن آيو؟  سندس چوڻ هو ته هر رياست کي خلائي ٽيڪنالوجي حاصل ڪرڻ جو حق آهي پر اهڙي ٽيڪنالوجي جو استعمال پرامن مقصدن لاءِ هئڻ گهرجي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ شروع نه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي بچاءَ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪندو. هن چيو ته ڀارتي آرمي چيف کي جيڪو وڻي سو چوي پر هڪ ڳالهه ياد رکي ته شهادت آهي مطلوب ۽ مقصود مومن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے