21 بدھ , فروری 2018

پي ايس ايل فائنل: آءِ جي سنڌ جي سڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجه پاڪستان سپر ليگ جي فائنل جي سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس کي بريفنگ ڏني آهي. پي ايس ايل جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، راندين واري وزير محمد بخش مهر، چيف سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي پوليس، ڪمشنر ڪراچي سميت ٻين شرڪت ڪئي.  اجلاس دوران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه پي ايس ايل جي فائنل جي سڪيورٽي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ پوليس لاهور جو دورو ڪيو جتي پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ آڪٽوبر 2007ع ۾ ٿيل ميچ جي سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويو.  آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته ڪراچي اسٽيڊيم ۽ ان جي سمورن رستن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي نگراني ڪئي ويندي ۽ ميچ کان پنج ڏينهن اڳ پارڪنگ ايرياز ۽ اسٽيڊيم کوليا ويندا. اجلاس دوران ايس ايس پي سڪيورٽي جاويد مهر بريفنگ دوران ٻڌايو ته آءِ جي پوليس سڪيورٽي ڪميٽي بڻائي آهي جنهن  پوليس، رينجرز ۽ ڳجهن ادارن جا عملدار روزاني بنياد تي پاڻ ۾ رابطا ڪندا.  ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته اسان پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو واعدو ڪيو جيڪو پورو ڪيو ۽ هاڻي ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻو آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته شرڪت ڪندڙن لاءِ لائٽنگ، پاڻي جو بندوبست، پارڪنگ، صفائي کانسواءِ گندگي کي ٺڪاڻي لڳائڻ ۽ طبي سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاصمه راڻي قتل ڪيس: مفرور جوابدار لاءِ قانون ۾ همدردي باقي نٿي بچي: چيف جسٽس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ڪوهاٽ ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي عاصمه راڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے