21 پیر , مئی 2018

نقيب قتل محسود قتل ڪيس کي هاءِ پروفائيل ڪيس جو درجو ڏنو ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نقيب الله محسود قتل ڪيس کي هاءِ پروفائيل ڪيس جو درڏنو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نقيب الله محسود قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ کي جوابدار رائو انوار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت به ڏني وئي آهي.  پوليس ذريعن موجب ڪيس جي ٻن شاهدن کي وٽنس پروٽيڪشن ايڪٽ تحت سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي ۽ ٻنهي اکين ڏٺن شاهدن جي حفاظت لاءِ پنج پوليس اهلڪار مقرر آهن.  ذريعن موجب شاهدن جي محفوظ ۽ ڳجهي رهائش جو انتظام ۽ سڃاڻپ جا مرحلا اڃا باقي آهن، جڏهن ته وٽنس پروٽيڪشن ايڪٽ تحت شاهدن لاءِ ٻيا سڪيورٽي انتظام نه ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب وٽنس پروٽيڪشن ايڪٽ تحت اکين ڏٺن شاهدن کي عدالت تائين فول پروف سڪيورٽي ۾ آڻڻو هوندو آهي پر اعليٰ عدليه جي حڪمن باوجود وٽنس پروٽيڪشن ايڪٽ لاڳو ڪرڻ لاءِ فنڊ موجود نه آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The PML-N today responded to the 100-day TTP's post

مسلم ليگ(ن) اڄ پي ٽي آءِ جي 100 ڏينهن واري ايجنڊي جو جواب ڏيندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) اڄ تحريڪ انصاف جي طرفان پيش ڪيل 100 ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے