15 اربع , آگسٽ 2018

اتر وزيرستان ۾ ڊرون حملو، تحريڪ طالبان جي نائب امير سجنا محسود جي مارجڻ جا اطلاع

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ افغان سرحد تي آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي نائب امير سجنا محسود سميت 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. ذريعن موجب جاسوس جهاز جو حملو اتر وزيرستان ۾ ٿيو جنهن ۾ موت ٿيا آهن. حملي ۾ سجنا محسود کانسواءِ هڪ ٻيو شخص به مارجي ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جي امير خان سيد عرف سجنا کي پهرين نومبر 2013ع تي پاڪستاني طالبان جو نئون امير نامزد ڪيو ويو جيڪو حڪيم الله محسود جي ويجهن ساٿين مان آهي. 40 ورهين جي سجنا کي ڪراچي ۾ سامونڊي فوج جي بيس تي حملي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته 2012ع ۾ بنون جيل حملي جو ماسٽر مائينڊ به آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کي مديني جهڙي رياست بڻائينداسين: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جهڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے