21 بدھ , فروری 2018

رڳو مسلمان دهشتگرد ۽ انتهاپسند ناهن، متحد نه ٿياسين ته نقصان ٿيندو: بلاول

واشنگٽن ( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتها پسندي رڳو مسلمان دنيا تائين محدود ناهي. واشنگٽن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف جذبن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، حقيقي جمهوريت ئي انتها پسندي ئي منهن ڏئي سگهي ٿي، آئيڊياز جي سڀ کان وڏي جنگ اعتدال پسندي ۽ انتهاپسندي وچ ۾ آهي. هن چيو ته  دهشتگردي ۽ انتها پسندي رڳو مسلمان دنيا تائين محدود ناهي، خطي ۾ دهشتگردي ۽ سماجي توازن کي شديد نقصان پهچايو آهي  ۽ دهشتگردي، غير مساوي سلوڪ، موسمياتي تبديلي دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان اڄ متحد نه ٿياسين ته تمام وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ 12 پ پ سينيٽرن لاءِ پلان، شيرازي ۽ ٻيا شامل ٿيندا

ڪراچي (اسپيشل رپورٽ) سنڌ ۾ سينيٽ اليڪشن جي چوڌاري ڪيئي اهم ڳالهيون ۽ واقعا غور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے