24 ہفتہ , فروری 2018

سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جو ڪم ڪيئن ڪندي، پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جا ماڻهو ناهن: عاصمه جهانگير

اسلام آباد (م ڊ+ايجنسيون) نااهلي جو مدو مقرر ڪرڻ واري ڪيس ۾ دليل ڏيندي عاصمه جهانگير چيو آهي ته ووٽر لاءِ ڪا اهليت يا نااهلي ناهي هوندي، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جيستائين نااهلي جو فيصلو برقرار رهندو نااهلي به رهندي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته تسليم ڪيون ٿا ته آرٽيڪل 62 ون ايف منجهيل آهي، ان آرٽيڪل جي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي راءِ حسن نواز جي وڪيل عاصمه جهانگير دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 هڪ ٻي سان جڙيل آهن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن 62 ون ايف تحت عدالت ڪنهن کي غير ايماندار قرار ڏي ٿي ته نااهلي جو مدو ڇا هوندو.  جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ اهڙو شخص آيو هو جنهن عدالت ۾ اعتراف ڪيو هو ته سندس ڊگري جعلي آهي، ان شخص استعيفيٰ ڏئي ٻيهر اليڪشن وڙهي ۽ ننڍي چونڊ ۾ کيس اڳ کان وڌيڪ ووٽ مليا.  چيف جسٽس چيو ته غير ايماندار ڊڪليئرڊ شخص جي نااهلي جو مدو ڇا ٿيندو. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏنا ته نااهلي جو مدو ڊڪليئريشن برقرار رهڻ تائين موجود رهندو. عاصمه جهانگير دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت وڌ کان وڌ مدو پنج سال هئڻ گهرجي.  جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته 18 هين ترميم ۾ آرٽيڪل 62 ون ايف جو مدو ڇو نه لکيو ويو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جي نظر ۾ آرٽيڪل 62 ۽ 63 آزاد ۽ الڳ الڳ آهن، جيستائين ڊڪليئريشن موجود رهندي ته نااهلي موجود رهندي. عاصمه جهانگير چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ مونجهارو آهي، واضح ناهي ته ڊڪليئريشن ڪهڙي عدالت ڏيندي. پارليامينٽ اڃا تائين آزاد ناهي، 1985ع تائين ڪنهن ميمبر جي نااهلي لاءِ عدالتي فيصلو ضروري نه هو. هن چيو ته سندس اصيل راءِ حسن نواز کي ڪمپني ۾ اثاثا نه ٻڌائڻ تي نااهل ڪيو ويو جڏهن ته ڪمپني جو اثاثو وڪرو ٿي چڪو هو ۽ ڪمپني سندس نالي به ناهي. سندس چوڻ هو ته جيڪو ڪم پارليامينٽ نه ڪيو آهي اهو عدالت ڪيئن ٿي ڪري سگهي، سياسي معاملن تي فيصلا پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو تاثر درست ناهي ته پارليامينٽ آزاد ناهي. هن چيو ته فرض ڪريو ته آرٽيڪل 62 واضح نه آهي، عدالت ڪنهن اڻ چٽي آرٽيڪل کي رد ڪيئن ٿي ڪري سگهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن به مبهم آرٽيڪل جي تشريح ڪرڻ جو طريقيڪار ڪهڙو هوندو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته عدالت ايمانداري جو تعين ڪري سگهي ٿي، بي ايمان شخص ڪجهه عرصي بعد ايماندار ڪيئن ٿي ويندو. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت مضبوط سوال حل ڪري سگهي ٿي، هاڻي ڏسڻو آهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف جو سوال مضبوط آهي؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف واضح نه آهي، اعتراف ڪريون ٿا ته ان آرٽيڪل جي تشريح ڪرڻ ڏکيو ٽاسڪ هوندو. هن چيو ته ممڪن آهي ته گهٽ کان گهٽ ۽ وڌ کان وڌ مدي جو فيصلو ڪري سگهون، وري ان صورت ۾ ڪيس ٽو ڪيس فيصلو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هي ادارو قائم ۽ دائم رهندو، اداري ۾ تمام گهڻا سمجهدار ماڻهو ايندا. ٻڌڻي بعد عدالت حڪم ڏيندي چيو ته هاڻي ڪيس ۾ وڌيڪ ڪنهن کي نه ٻڌو ويندو، سومر تي اٽارني جنرل دليل ڏي، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي. عاصمه جهانگير چيو ته ووٽر لاءِ ڪا اهليت يا نااهلي ناهي هوندي، جسٽس عمر عطا چيو ته عدالت مفروضي واري سوال کي حل نه ٿي ڪري سگهي. وڪيل چيو ته نظريه پاڪستان جو معاملو هجي ته تعين ڪيئن ٿيندو؟ عدالت چيو ته هن وقت اسان جي سامهون پاڪستان جي نظريي جو سوال نه آهي. وڪيل چيو ته ضياءُالحق جي دور ۾ مون کي سڏايو ويندو هو اڄ به ڪنهن به احتساب ۾ سڏايو وڃي ته ڊپ ٿو ٿئي، ضيا دور وارو خوف اڄ به موجود آهي. بي اي جي شرط سان ووٽرن جي پسند محدود ٿي وئي ۽ اها ڳالهه عدالت به تسليم ڪئي. 1962ع جي آئين کان اڳ 7 هزار ماڻهو نااهل قرار ڏنا ويا، نااهلي هن ملڪ لاءِ نئين ناهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اسان کي آئيڊيل ماڻهن جو معيار بلند رکڻ کپي. عاصمه جهانگير چيو ته ايترا اعليٰ معيار جا ماڻهو ٻاهران وٺي اچو پاڪستان مان نه ملندا. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته عام ماڻهو ۽ چونڊيل نمائندن لاءِ معيار مختلف هجڻ گهرجي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئب چيئرمين جو وفاقي وزير رياض پيرزادي خلاف جاچ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) نئب چيئرمين رياض پيرزاده خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نئب جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے