17 جمعو , آگسٽ 2018

بنگلاديشي مخالف ڌر اڳواڻ خالده ضيا کي سزا، ملڪ ۾ هنگاما

ڍاڪا ( م ڊ ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالد ضياءَ کي ڪرپشن ڪيس ۾ پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. بنگلاديش جي 2 ڀيرا رهندڙ خالد ضياءَ کي يتيم خاني جي فنڊن ۾ گهوٻين هڻڻ جو الزام هنيو ويو آهي. بنگلاديش جي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي خالد ضياءَ الله  کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ مٿس هنيل الزامن کي رد ڪيو آهي. عدالت خالده جي وڏي پٽ طارق رحمان، اڳوڻي پارليامينٽ ميمبر قاضي سميع الحق ڪمال، اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري ڪمال الدين صديقي بنگلاديش نيشنل پارٽي جي باني ضياءُالرحمان جي ڀائٽي مومن الرحمان ۽ واپاري شرف الدين احمد کي 10 سال قيد جي سزا ڏني. سزا ملڻ بعد خالده ضيا روئي ويٺي ۽ حامين کي چيو ته آئون جلد موٽي اينديس. سزا خلاف ڍاڪا ۽ ٻين شهرن ۾ هنگاما شروع ٿي ويا ۽ اڄ تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

Recommendation to submitting submissions commission between 8 to 10 October: Sources

صدر جي چونڊ 4 سيپٽمبر تي، وزيراعظم چونڊڻ لاءِ اڄ پولنگ

اسلام آباد   (م ڊ) اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، نئين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے