18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

اسلام آباد ۽ سنڌ  هاءِ ڪورٽ کي جعلي ڊگري ڪيس بابت جلد فيصلو ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ايگزيڪٽ جعلي ڊگري اسڪينڊل بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران شعيب شيخ جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ تي واپس ورتو ويو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ جعلي ڊگري بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته ٻين 6 جوابدارن جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جوابدارن طرفان جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جي خاطري بعد فيصلو واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ ۾ ايگزيڪٽ ڊگري اسڪينڊل نوٽيس ڪيس جي پاڻمرادو ٻڌڻي ڪئي وئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مان سڀني کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڪيس کي گهمايو پيو وڃي اهو منهنجي ملڪ لاءِ شرمساري وارو معاملو آهي. هن چيو ته الزامن کي ثابت ڪرڻ فريادي ڌر جو ڪم آهي، ڪيس جي 46 شاهدن کي ڇڏيو ويو آهي، جوابدار سهڪار نه ٿا ڪن ته فريادي ڌر ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست ڏي. ماتحت عدليه سان جوابدارن جو عدم سهڪار برداشت نه ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ شعيب شيخ سميت ستن جوابدارن جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٽرائل ڪورٽ کي ٻن هفتن ۾ ضمانت رد ڪرڻ بابت فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جوابدارن طرفان جاچ ۾ سهڪار جي لکت ۾ خاطري کانپوءِ سندن نالا اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽن هفتن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ مهيني ۾ ڪيسن جو فيصلو ڪري.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايگزيڪٽ ڪمپني آهي ۽ ايس اي سي پي ۾ ڪڏهن کان رجسٽرڊ آهي. ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ عدالت کي ٻڌايو ته جولاءِ 2006ع ۾ پهرين ايگزيڪٽ ڪمپني ايس اي سي پي ۾ رجسٽرڊ آهي، سندس هيڊ آفيس ڪراچي خيابان آفيس ۾ آهي. جسٽس اعجاز الحسن پڇانو ڪيو ته ايگزيڪٽ جو ڪهڙو ڪاروبار آهي؟ ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو ته ايگزيڪٽ طرفان سافٽ ويئر جي ايڪسپورٽ جو ڪاروبار ڪيو ويندو آهي، ڪمپني جا 10 بزنس يونٽس آهن جڏهن ته ڪمپني جون 10 سيڪڙو روينيو آن لائين يونيورسٽين مان ايندو آهي ڇو ته ايگزيڪٽ جون 330 يونيورسٽيون هيون. ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ٻڌايو ته ايگزيڪٽ جون يونيورسٽيون تجربي جي بنياد تي ڊگريون جاري ڪنديون آهن ۽ رڳو هڪ ڪلاڪ ۾ به ڊگري حاصل ڪري سگهجي ٿي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته مون کي تجربي جي بنياد تي ڊگري ملي سگهي ٿي جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته توهان کي تجربي جي بنياد تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملي سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين جو پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين طويل عرصي لاءِ پرڏيهه وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے