21 بدھ , فروری 2018

بي آر ٽي منصوبي کي ڪامياب ڪيو ويندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نمائش وٽ انڊرپاس جي ڊزائن جي منظوري ڏيندي قانون واري کاتي جي اختيارين کي هدايت ڏني آهي ته سرجاڻي ٽائون وٽ بس ڊيپو لاءِ زمين جو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي،  ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ  بي آر ٽي گرين لائن بس بابت اجلاس  وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر گرين لائن ۽ گورنر جو پرنسپل سيڪريٽري صالح فاروقيءَ چيو ته ڊزائن تحت نمائش انڊرپاس وٽ مڪمل ميزنائين فلور ريٽيل ايريا لاءِ آهي، جيئن ته نمائش بي آر ٽي مسافرن لاءِ هڪ مرڪزي هنڌ بڻجي رهيو آهي ، ان ڪري اهو علائقو بي آر ٽي پروجيڪٽ جي آمدني لاءِ خودڪفيل ثابت ٿيندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته منصوبي جي شروع ٿيڻ کانپوءِ وڪري لاءِ تيار ڪيل علائقي کي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت ترقي ڏياري سگهجي ٿي. منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جو مدو ۽ بسون شروع ڪرڻ تمام اهم آهي ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ڪراچيءَ جا ماڻهو انتظار ڪري رهيا آهن. ان دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نمائش وٽ انڊرگرائونڊ اسٽيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صالح فاروقيءَ کي هدايت ڪئي ته هُو 15 فيبروريءَ تائين ٽينڊر گهرائي ته جيئن وقت سر ڪم ايوارڊ ڪري سگهجي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته ان منصوبي تي اپريل ۾ ڪم شروع ٿئي. هن پي ڊي گرين لائن کي هدايت ڪئي ته هُو بي آر ٽي گرين لائن جي ڍانچي جي مڪمل ٿيڻ لاءِ  تاريخ ٻڌائي ته جيئن سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي (ايس ايم ٽي اي) مطابق نوٽيس جي تياري ڪري سگهجي. گرين لائن پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر زبير چنا هڪ ٻيو مسئلو اٿاريندي ٻڌايو ته سرجاڻي ٽائون وٽ بس ڊيپو قائم ڪرڻو هو، وڏي وزير سيڪريٽري قانون افتخار شلواڻي کي فوري طور تي زمين جي ڪاغذن ۾ ضروري ترميم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن 3.5 ايڪڙ ايراضي بس ڊيپو لاءِ تيار ڪري سگهجي. هن چيو ته هي 15 ڏينهن اندر لازمي ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير نمائش کان ٽاور تائين بي آر ٽي سسٽم جي ڊزائن جي پڻ منظوري ڏني. ان جو روٽ به اپ گريڊ ٿيندو ۽ اهو سمورن لائنز لاءِ ساڳيو هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

راجا ظفرالحق جي رپورٽ عدالت ۾ پيش، ختم نبوت تي سوديبازي نه ٿيندي: جسٽس عزيز صديقي

اسلام آباد ( بيورو ) ختم نبوت بابت راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے