23 اربع , مئي 2018

ڪراچي ۾ چينين جي قتل ۾ ڀارت ملوث قرار، آمريڪا کي افغان جنگ لاءِ پاڪستان جي ضرورت آهي: احسن اقبال

نيويارڪ/اسلام آباد (م ڊ + بيورو) پاڪستان جي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪراچي ۾ چيني شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڀارت ملوث آهي. بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ گرفتار ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو اعتراف ڪيو آهي ته ڀارت سي پيڪ منصوبو ختم ڪرڻ لاءِ نيٽ ورڪ تيار ڪيو آهي. ان ڪري يقين ڪري سگهجي ٿو ته ڪراچي ۾ چيني شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ پٺيان ڀارت جو هٿ ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته آمريڪي سينيٽ ۾ مختلف ڌڙا موجود آهن جيڪي مختلف مختلف بل پيش ڪن ٿا. گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان کي گڏيل اعتماد سازيءَ لاءِ غير معمولي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، آمريڪا جي افغانستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ پاڪستان جو سهڪار اڻٽر آهي. واشنگٽن پوسٽ ۾ شايع ٿيل هڪ انٽرويو ۾ هن افغانستان جي استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي سهڪار تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻا تاريخي لاڳاپا آهن پر اهي هن وقت گهٽ ترين سطح تي پهچي چڪا آهن. ان ڪري  ٻنهي ملڪن کي گڏيل اعتماد سازيءَ لاءِ غير معمولي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن ٽرمپ انتظاميه طرفان دهشتگرد گروپن جي حمايت جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته پاڪستان بنا امتياز سمورن دهشتگرد گروپن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. هن چيو ته ڊو مور جو مطالبو اسان هاڻي وڌيڪ قبول نه ڪنداسين. گهرو وزير چيو ته پاڪستان ٽرمپ انتظاميه جي تنقيد جو جواب قدم کڻي ڏنو آهي ڇو جو حڪومت کي اڃا به يقين آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ويجهي سهڪار کان سواءِ افغان تڪرار جو حل ممڪن ناهي، اسان آمريڪا کي ان معاملي ۾ سڀني کان اهم ڌُر سمجهون ٿا. احسن اقبال چيو ته صدر ٽرمپ افغانستان ۾ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪوششن طور وسيع تناظر ۾ ڏکڻ ايشيائي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو. پاڪستان نئين حڪمت عمليءَ تي شديد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ڇو جو ان سان افغانستان ۾ ڀارت جي سرگرمين ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. گهرو وزير چيو ته ٽرمپ انتظاميه جي حڪمت عمليءَ جي ڪاميابيءَ لاءِ پاڪستان جي شراڪتداري اهم آهي، اسان لاءِ ڪو خراب يا ڪو سٺو دهشتگرد گروپ ناهي، اسان سڀني دهشتگرد گروپن خلاف بنا امتياز ڪارروائي ڪئي آهي. 04

هي به ڏسي سگهو ٿا

Challenges, pressure increased after Musharraf treason case: Nawaz

قطري خط قبول، ڪاروبار ۾ حصيدار نه رهيو آهيان، حسن حسين پاڻ ذميوار آهن: نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) نئب ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران نواز شريف قطري خطن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے