21 بدھ , فروری 2018
نڪور خبرون

شهباز شريف عابد باڪسر وسيلي ماڻهو مارايا، ڊار کي موٽڻ تي جيل ۾ وجهڻ کپي: عمران

لاهور ( م ڊ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته عابد باڪسر شهباز شريف لاءِ جعلي مقابلا ڪندو هو. ثابت ٿي ويو آهي ته شهباز شريف ماڻهو مارائڻ لاءِ پوليس آفيسرن کي حڪم ڏيندو هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عابد باڪسر اعتراف ڪيو ته شهباز شريف جي چوڻ تي پوليس مقابلا ڪندو هو، پوءِ شهباز شريف کيس مارائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ڀڄي ويو. سندس چوڻ هو ته سبزه زار ۾ به پنجن نوجوانن کي پوليس هٿان مارايو ويو. عمران خان چيو ته شريف ڀائر ڪٿي به جلسو ڪن ٻئي ڏينهن ساڳي هنڌ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ وڏو جلسو ڪندس. هن چيو ته اسحاق ڊار جڏهن به پاڪستان اچي کيس جيل حوالي ڪيو وڃي ۽ طبيعت جو بهانو نه ٻڌو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪي پي پوليس ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صلاحيت رکي ٿي، عاصمه ۽ اسما قتل ڪيس ۾ پوليس پيشيور طريقي سان ڪم ڪيو ۽ مشال خان قتل ڪيس ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو جو ميڙ کي سزا ملي. هن چيو ته اهو به ثابت ٿي ويو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ به ماڻهن کي شهباز شريف جي چوڻ تي قتل ڪيو ويو. مشال ڪيس جي فيصلي توهين رسالت جي آڙ ۾ هجوم جي انصاف جي روايت ختم ڪري ڇڏي، اسحاق ڊار کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ افسوسناڪ آهي. طاقتور کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ تي سڄي قوم خوش آهي ۽ سپريم ڪورٽ سان گڏ بيٺل آهي. نواز شريف ۽ وزير آئين ٽوڙي ۽ عدالت جي توهين ڪري رهيا آهن. هن چيو ته  ڪي پي ڪي پوليس سنڌ ۽ پنجاب جي پوليس کان مختلف آهي. سنڌ ۾ 40 قتل ڪندڙ رائو انوار جهڙي مغرور ايس پي ۽ پنجاب ۾ انسپيڪٽر عابد باڪسر جهڙن آفيسرن حڪمرانن جي چوڻ تي عدالت کان مٿاهان قتل ڪيا. هن چيو ته مشال ڪيس جي جوابدارن ۽ ڏوهارين کي هيرو بڻائيندڙ پارٽين جي رويي تي افسوس آهي. هن چيو ته اسان جي هڪ ارب وڻ سونامي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. عالمي ادارا ان جي ڪاميابي جي تصديق ڪري چڪا آهن.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

راجا ظفرالحق جي رپورٽ عدالت ۾ پيش، ختم نبوت تي سوديبازي نه ٿيندي: جسٽس عزيز صديقي

اسلام آباد ( بيورو ) ختم نبوت بابت راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے