21 بدھ , فروری 2018
نڪور خبرون

ملير مان جسقم اڳواڻ کنڀي گم، حيدرآباد جي صحافي ڪامران سهتي جي گرفتاري ظاهر نه ٿي

ملير/حيدرآباد(نمائندا) جسقم ملير جي نائب صدر رشيد ٽڳڙ جي گهر تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سندس گهر تي چڙهائي ڪري گهر جو گهيراءُ ڪري جسقم اڳواڻ رشيد ٽڳڙ کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، سندس کنڀي کڻي گم ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي،رشيد ٽڳڙ جي آزاديءَ لاءِ جسقم پاران پوري سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا، اهڙو اظهار جسقم جي اڳوڻي وائس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسقم ضلعي ملير جي صدر ضمير حاجاڻو، مختيار سيهڙو، حميد ملاح ۽ ٻين اڳواڻن ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هنن چيو ته جسقم ضلعي ملير جي نائب صدر رشيد ٽڳڙ جي گهر تي گذريل رات دير سان وردي پهريل اهلڪارن چڙهائي ڪري گهر ۾ گهڙي کيس موبائيل ۾ کڻي ويا آهن، جنهن کان پوءِ رشيد ٽڳڙ گم آهي، ڪابه خبر نه آهي ته رشيد ٽڳڙ ڪٿي آهي، هنن چيو ته رشيد ٽڳڙ پرامن شهري ۽ قومپرست ڪارڪن آهي، هن مٿان جيڪڏهن ڪو ڪيس آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي باقي کنڀي کڻي گم ڪرڻ واري عمل جي اسان مذمت ڪيون ٿا، رشيد ٽڳڙ سياسي ڪارڪن آهي، هو ڪنهن به ڏوهي سرگرمي ۾ به ملوث نه آهي، ان کي رات جو ائين کنڀي کڻي گم ڪرڻ وارو عمل قابل مذمت آهي، اسان اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته رشيد ٽڳڙ سميت پرامن قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، سنڌ سان محبت ڪندڙ ماڻهن کي کنڀي کڻي گم ڪرڻ اهو غيرآئيني، غيرقانوني عمل آهي، رياستي جبر ۽ ڏاڊائي هاڻي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته رشيد ٽڳڙ کي بنادير جي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن مٿس ڪو ڪيس آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ رشيد ٽڳڙ جي آزادي لاءِ جسقم پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهره ڪيا ويندا. هوڏانهن حيدرآباد مان 3 ڏينهن اڳ پوليس اهلڪارن هٿان گرفتار ڪيل حيدرآباد جي نوجوان صحافي ڪامران سهتو جي گرفتاري ظاهر نه ٿي سگهي. ڪامران سهتو جي گرفتاري ظاهر نه ٿيڻ ڪري سندس وارث پريشان ٿي ويا. حيدرآباد جي صحافين پاران اڄ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. واضح رهي ته حيدرآباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ گهر مان بم ۽ بارودي مواد هٿ اچڻ کانپوءِ حيدرآباد پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا پڻ هنيا هئا، جڏهن ته ڪامران سهتو کي 3 ڏينهن اڳ قاسم آباد جي نقاش ولاز واري علائقي مان گرفتاري بعد گم ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

راجا ظفرالحق جي رپورٽ عدالت ۾ پيش، ختم نبوت تي سوديبازي نه ٿيندي: جسٽس عزيز صديقي

اسلام آباد ( بيورو ) ختم نبوت بابت راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے