18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

صوبائي حڪومتون ڪمند اگهه تي عمل ڪرائن، دانيال ۽ طلال کي عدليه کان معافي وٺڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪمند جي آبادگارن جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي، جڏهن ته ڪڻڪ جي خريداري ۽ مقرر قيمتن جي ادائيگي کي يقيني بڻائڻ صوبائي حڪومتن جي دائري ۾ اچي ٿو، صوبا ان ڏس ۾ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن. هن اها ڳالهه قومي غذائي تحفظ واري مملڪتي وزير سيد اياز علي شاهه شيرازي سان ڳالهائيندي چئي، جنهن ڪالهه خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سنڌ صوبي ۾ ڪمند جي آبادگارن کي انهن جي فصل جي خريداري ۽ مقرر قيمتن تي ادائيگين جي حوالي سان درپيش مسئلن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ڪمند جي آبادگارن جي مسئلن کان مڪمل طور آگاهه آهي، ڪمند جي خريد ۽ مقرر قيمتن جي ادائيگي کي يقيني بڻائڻ صوبائي حڪومتن جي دائري ۾ اچي ٿو جڏهن ته وفاقي حڪومت ۽ وفاقي ڪابينا آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صوبن کي واضح هدايت ڪئي آهي ته اهي ان ڏس ۾ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ته جيئن آبادگارن جي فصل جي وقت سر خريداري ۽ مقرر قيمتن موجب ادائيگي کي يقيني بڻائي سگهجي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊکڻ ۾ پوليس گردي، ڳوٺاڻو گرفتار، اهلڪارن هٿان سندس ڀيڻ جي تذليل

ڊکڻ (ن ع آ) ڊکڻ شهر جي بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ سي آءِ اي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے