24 ہفتہ , فروری 2018

سنڌ سرڪار جانورن تي ظلم بند ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي سنگل بئنچ جي جج جسٽس فهيم صديقي سنڌ سرڪار کي حڪم ڏنو آهي ته صوبي ۾ جانورن سان اڍنگو ورتاءُ بند ڪري جانورن جون رانديون بند ڪرايون وڃن. سنڌ پوليس ان سلسلي ۾ پڻ مناسب قدم کڻي.

سنڌ ۾ يا ملڪ جي قبيلائي وسندين ۾ ڪڪڙن جي ميل، سوئرن، رڇن ۽ ڪتن جي بڇ، ڏاندن، گڏهن ۽ اُٺن جي گوءِ ۾ جانورن سان گڏ خفتين ۽ سوارن کي شامل ڪري اهي رانديون ڪرايون وينديون آهن. ڪجهه هنڌن تي اهي رانديون خاص طور مختلف شهرن جو نشان بڻيل آهن، جڏهن ته انهن راندين جي گهڻائي سنڌ ۾ مختلف ساليانن ميلن ملاکڙن سان گڏ رچايون وينديون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ نجي طور انتظام هيٺ هلندڙ انهن راندين کي جانورن سان ظلم سڏيندي انهن تي بندش جو اعلان ڪيو آهي ۽ هر علائقي جي واسطيدار جج کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته ان بندش تي بنا دير مڪمل نموني عمل ڪيو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي سيشن جج پاران گڏهن جي گوءِ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلي کي چئلينج ڪندڙن جي درخواست رد ڪندي اهو فيصلو ٻڌايو آهي.  درخواست ڪندڙن هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ آڏو موقف رکيو ته اهي سنڌ جي ثقافتي ۽ روايتي راندين کي اڳتي وڌائڻ چاهين ٿا، پر پوليس انهن جي اجازت ڏيڻ بدران هر ڀيري انهن انتظامن کي ختم ڪري ڇڏي ٿي.

جسٽس فهيم احمد صديقي پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ چيو آهي ته انهن راندين جي جاري رهڻ سان ٻارن ۽ نوجوانن ۽ نئين نسل ۾ ويڙهه، بڇ ۽ هُشي جهڙن جذبن ۽ ڏوهن واڌ کي هٿي ملي ٿي. تنهن ڪري انهن خطرناڪ عملن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. مانواري جج ان فيصلي ۾ آميريڪي اداري ايف بي آءِ جي ان مشاهدي جو حوالو پڻ ڏنو آهي، جنهن ۾ ڪيئي انسانن جا قاتل ننڍي وهيءَ ۾ ۽ ماضيءَ ۾ جانورن تي ظلم ڪندڙ هئا. هن وڌيڪ چيو آهي ته اها پڻ سچائي آهي ته اهي روايتي رانديون آهن پر انهن جي آڙ ۾ جوا ۽ سٽي جو هڪ وڏو جهانُ پيدا ڪيو ويو آهي. هن چيو آهي ته ڪنهن به جانرن جي راند روند جو جاري رهڻ غيرقانوني عمل آهي ۽ ان جي جاري رهڻ کي ڪڏهن به ”قانوني پوشاڪ“ اوڍائي نه ٿي سگهجي. جسٽس صديقي وڌيڪ چيو آهي ته ”جانورن تي ظلم کان پرهيز جو ائڪٽ 1890ع“ پڻ ان ظلم کان روڪي ٿو. هن چيو ته ” گڏهه گاڏي وارا ۽ ڏاند گاڏي وارا ساسي ساهه مال به ڍوئين ۽ مالڪ جا چهبڪ به سهن ۽ جڏهن انهن کي گوءِ ۾ ڊوڙائجي ته تماشو ڏسندڙن جي تاڙين ۽ گوءِ کٽڻ جي نالي ۾ اهو سڀ ڪجهه اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. هڪ قانون جي هوندي رڳو روايتن جي نالي ۾ ان جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.

جسٽس صديقي سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته سنڌ ۾ جانورن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙن ماڻهن ۽ اين جي اوز تي ڪميٽي ٺاهي ان تي عمل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن.

سنڌ سرڪار کي موصوف جج جي هدايتن کي هڪ اهم ۽ تاريخي اڳڀرائي سمجهندي سماج جي هڪ اهم بيماري کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سماج جي مدد ڪرڻ لاءِ پوليس سميت مختلف ادارن جي مدد ڪرڻ گهرجي. ان فيصلي ۾ جج موصوف جن عالمي سماجي مشاهدن ۽ سنڌ ۾ هلندڙ جانورن جي راندين ۽ جانورن تي ظلم ۽ انهن وسيلي ڏوهن جي واڌ توڙي انسانن جي قتلن کي روڪڻ لاءِ به اهڙا فيصلا ۽ انهن تي بروقت عمل سان سنڌ هڪ وڏي ڏوهه کان بچي ويندي.

جمعو 9 فيبروري  2018ع، 22 جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام ۽ آئين سپريم ڪڏهن بڻبا؟

ڪالهه وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي سموري خطاب جو محور سپريم ڪورٽ ۽ سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے