19 پیر , فروری 2018

مشال قتل ڪيس سان انصاف ٿيو يا ظلم؟!

محمد خان دائود

پهرين ته اچو مشال جي ماءُ لاءِ گورديو ٽيگور جي اها دعا لکون ته

“جڏهن جوان زوريءَ مائرن کان ۽ ڌرتيءَ کان ڌار ڪيا وڃن .اي خدا جڏهن اُهي توڏانهن اچن ته آسمان کي خوشبو سان ۽ رنگن سان ڀري ڇڏ.ان جوانن جي لاشن تي پوپٽ اڏرندا رهن،۽ انهن مائرن کي صبر ڏي جيڪي اهڙي اذيت برداشت ڪن ٿيون!“

مشال ڪيس ۾ هي ملڪ،هي رياست،قانوني ادارا ۽ ميڊيا سڀئي چئي رهيا آهن ته انصاف ٿي ويو ۽ هاڻي ان ڪيس جي فائل تڪڙو بند ٿي ويندي.پر لنڊن ۾ موجود اقبال لالا جيڪو شاعر هُئڻ سان گڏ مشال جو والد به آهي،جيڪو اهو ڪيس اڪيلي سر وڙهي رهيو هو.جنهن کي ان ڪيس جي حوالي سان روز ڪئي ڌمڪيون به ملنديون رهيون هيون.سو ان فيصلي مان مطمن ناهي ۽ لنڊن ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪري اهيو چئي چڪو آهي ته “ اهيو انصاف نه پر انصاف سان ريپ آهي!“۽ هن وڌيڪ اهو به چيو آهي ته“مان ان ڪيس کي سپريم ڪورٽ ۾ کڻي ويندس!“

مشال جيڪو مردان ۾ ولي خان يونيورسٽي جو شاگرد هو.جيڪو ڏاڍو خوبصورت هو.هوُ ان يونيورسٽي ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن تي دل کولي ڳالهائيندو هو.هوُ وي سي کان ويندي ان رجسٽرار خلاف ڳالهائيندو هو.جيڪي يونيورسٽي ۾ هٿرادو بحران پيدا ڪري سرڪاري فنڊ هڙپ ڪري ويندا هُئا.۽ شاگردن جي حصي ۾ اذيت کان سواءِ ڪجهه به نه ايندو هو.اهڙن مسئلن تي مشال خان دل کولي ڳالهائيندو هو.هوُ ميڊيا تي به نظر ايندو هو.پنهنجي دوستن جي حلقي ۾ به انهن اشوز تي ڳالهه ڪندي ڏٺو ويندو هو.ته هوُ سوشل ميڊيا تي به ڏاڍو ايڪٽو رهندو هو.

مشال کي سبق سيکارڻ خاطر ان کي 13 اپريل 2017ع تي هڪ هجوم هٿان ائين قتل ڪرايو ويو.جنهن جو مثال ئي نٿو ملي.

سرمد کان ويندي منصور تائين،بلاول کان ويندي شاهه عنايت تائين سڀني سان ظلم ٿيو.سڀئي قتل ڪرايا ويا.پر اُهي ڪنهن هجوم هٿان قتل نه ٿيا،انهن کي ته سازشن،ڪوڙن يقينن،ڪوڙي دلاسن،انڌي اعتبارن جي نظر ڪيو ويو ۽ انهن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو.پر مشال جي قتل ۾ ائين هر گز ناهي.ان کي ته هڪ هجوم هٿان قتل ڪرايو ويو.۽ هجوم ۾ موجود انسان ڪير ڳڻي سگهندو آهي؟جنهن انسانن جي ڳڻپ نه ٿئي انهن کي ئي ته هجوم ڪوٺبو آهي.مشال سان ائين ڪيو ويو هو جنهن لاءِ سرمد شهيد لکيو هو ته

“مين تها

سرمد ٿا

اور مثلِ تماشا ٿا!“

مشال خان تماشي جي نظر ٿي ويو.اُهو تماشو جيڪو 13 اپريل تي ڪيو ويو.جنهن ۾ اسان ميڊيا جي معرفت اهو ڏٺو ته ننڍين ڏاڙهين وارا.وڏين ڏاڙهين وارا.مٿي تي ڳاڙهيون ٽوپيون سجايو ان کي ان جي هاسٽل جي ڪمري مان گهلي رهيا آهن.هو دانهون ڪري رهيو آهي.پر اُهي جيڪي اتي موجود هئا اُهي ته سڀئي ان کي قتل ڪرڻ جي نيت سان گڏ ٿيا هُئا ته پوءِ ان کي ڪير بچائي ها؟!

۽ هوُ قتل ٿي ويو.هوُ هجوم جي هٿان سزا وار ٿي ويو.پر اڄ جڏهن عدالتي فيصلي تي نظر وجهجي ٿي ته ڪورٽ اهو چئي رهي آهي ته ان کي گولي سان قتل ڪيو ويو هو.پر هوُ گولي سان قتل نه ٿيو هو.هو ته ان روئيي سان قتل ڪيو ويو هو .ان سوچ سان قتل ڪيو ويو هو.جيڪو روئيو جيڪا سوچ انهن دماغن ۾ پلجي رهي هُئي جيڪي دماغ ان يونيورسٽي ۾ ان وقت موجود هُئا،جڏهن مشال پنهنجي زندگي جي آخري رات ننڊ ڪئي هُئي.جڏهن مشال خان پنهنجي زندگي جي آخري صبح ڏٺي هُئي،جڏهن مشال خان پنهنجي گهر پنهنجي ماءُ کي آخري بار فون ڪيو هو.جڏهن مشال خان پنهنجي دوستن سان آخري بار رابطو ڪيو هو.جڏهن مشال خان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي آخري ڀيرو ڪوئي اسٽيٽس اپ لوڊ ڪيو هو.ان کان پوءِ هو ان تماشبينن جي حوالي ٿي ويو.جيڪي تماشبين هڪ ٻه نه پر هجوم جي صورت ۾ آيا.ان کي گهليندا ويا.اُهي سمورا فوٽو. اُهي سموريون اسٽوريون.اُهي سمورا مضمون ۽ ڪالم ۽ اُهي وڊيوز جيڪي بار بار ڏٺيون ويون ۽ وائرل ٿي ويون.پر ڪورٽ سڳوري چئي رهي آهي ته ان کي ته گوليءَ سان قتل ڪيو ويو هو.

ڪورٽ مشال خان ڪيس جو فيصلو ڏئي چڪي جنهن ۾ هڪ همراهه کي ڦاهي جي سزا ۽ چئن ڄڻن کي عمر قيد جي سزا آئي آهي.باقي 26 همراهه بري ڪيا ويا آهن.ان ڪيس جا ٽي ڏوهاري اڃان تائين مفرور آهن جيڪي گرفتار به نه ٿيا آهن.تيسين ان ڪيس جو فيصلو اچي چڪو آهي.ان فيصلي کي ڏسندي اقبال لالا اهيو چئي رهيو آهي ته اهيو ته“ انصاف سان ريپ آهي!“

پر سوال اهيو به ته آهي ته اهيو ڪهڙو انصاف آهي؟!انهيءَ سوال جي گونج ان پريس ڪانفرنس ۾ به هُئي جيڪو مشال جو والد لنڊن ۾ ويهي ڪري رهيو آهي.۽ ان رياست ۽ ان رياست جي ٽئين ٿنڀ عدالت کان پُڇي رهيو آهي ته اهو ڪهڙو انصاف آهي.جنهن ۾ مشال خان کي قتل ته هڪ هجوم ڪري ٿو.پر سزا بس هڪڙي شخص کي اچي ٿي.۽ ڇويهه همراهه آزاد ٿي وڃن ٿا اهڙي ئي موقعي لاءَ اياز لکيو هو ته

“انصاف ڪتابن ۾ بند آهي.ڪتاب بڪ شيلفن ۾ بند آهن.بڪ شيلفن کي تالو لڳل آهي۽ ان تالي تي مٽيءَ جو تهه چڙهيل آهي!“

جڏهن انصاف جو اهڙو حشر هُجي ته اسان ان انصاف تي ڪيئن خوش ٿيون جيڪي انصاف پشاور هائي ڪورٽ مشال خان قتل ڪيس ۾ ڪيو آهي ۽ عمران خان ان فيصلي تي ڪورٽ کي ۽ خيبرپختونخوا پوليس کي شاباش ڏئي رهيو آهي.پر اهو انصاف ان اڌ سچ وانگر آهي جيڪو ان ڪوڙ کان به وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي جيڪو ڪوڙ،ڪوڙ هوندي به ماڻهو جي منهن ۾ ڌوڙ ناهي وجهي سگهندو.پر اهيو اڌ گابرو انصاف ان قتل کي دفن ڪرڻ برابر آهي جنهن قتل کي هجوم قتل ڪيو هو.پر ڪورٽ ان قتل کي معض پنجن ماڻهو مٿان ظاهر ڪري رهي آهي.جنهن قتل جي پويان انساني اهڙا رويا هُئا.پر ڪورٽ ان ڪيس کي گوليءَسان ظاهر ڪري رهي آهي.ان مشال کي گولي به هنئي وئي.پر ان کي گولي تڏهن هنئي وئي جڏهن ان جو ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري چڪو هو.

جڏهن مشال خان پنهنجي هاسٽل واري ڪمري ۾ موجود هو.جڏهن ان کي هجوم گهيريو.جڏهن ان کي هجوم گهليو.جڏهن ان کي هجوم تشدد جو شڪار ڪيو.جڏهن ان جي نازڪ جسم تي ڏنڊا وسايا ويا.جڏهن ان جي ڪپڙن کي خون آلود ڪيو ويو.جڏهن ان جي ڪپڙن کي تار تار ڪيو ويو،جڏهن ان جي سوچيندڙ دماغ کي ڪنهن ڀاري پٿر سان ڪچليو ويو.جڏهن ان کي ميدان ۾ ساڙيو ويو.جنهن جي وڊيو وائرل ٿيل آهي.جڏهن ان جي پويان اُهو هجوم آڏو پاگلن جيئان پيئل هو.ان جو دم ته تڏهن ئي نڪري چڪو هو.باقي گولي ته ان وجود کي هنئي وئي هُئي جيڪو بار بي ڪيو ڪيل هو.اُهو مشال نه هو.اُهو ته اُهو تماشو هو جيڪو انهن تماشبينن جي هٿ چڙهي چڪو هو.پر پوءِ به ڪورٽ ان قتل کي هڪ گوليءَ سان ڪيئن ٿي ڊڪلريڊ ڪري سگهي.جڏهن ته اُهو هڪڙو پوڙهو اقبال لالا نه پر ڪورٽ کان ويندي مردان ۾ موجود ولي خان يونيورسٽي به اهيو ڄاڻي ٿي ته هوُ گوليءَ سان نه مئو هو.

اڄ جڏهن ڪورٽ مشال خان ڪيس جو فيصلو ڏئي پنهنجو پاند آجو ڪري چڪي آهي ته بلڪل اها ڳالهه وزن رکي ٿي جيڪو اقبال لالا لنڊن ۾ ويهي ڪري رهيو آهي ته“اهيو انصاف ناهي،اهو ته انصاف سان زنا ڪئي وئي آهي!“

ان فيصلي سان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته اهو ته هاءِ پروفائل ڪيس هو جنهن سان صرف پاڪستان نه پر سموري انسانيت لڄي ٿي هُئي ۽ ان ڪيس کي عالمي ميڊيا به نظر ۾ رکيو ٻئي آئي.ان ڪيس سان اهڙو حشر ڪيو ويو.جنهن ظلم تي سوين پروگرام نشر ٿيا،سوين آرٽيڪل لکيا ويا.ته انهن ڪيسن جو ڪهڙو حشر ٿيندو هوندو جنهن ڪيسن ۾ وڏا وڏا ظلم ڪيا ويندا آهن.پر انهن ڪيسن جو ڪوئي ڌڻي سائين نه هوندو آهي۽ اُهي ڪيس ايئن لُڙهي ويندا آهن.جيئن سنڌ ۾ نامعلوم لاش لڙهندا ويندا آهن.

ان ڪيس جي فيصلي تي اڄ ان قبال لالا جي اهڙي حالت آهي جنهن لاءِ جون ايليا لکيو هو ته

“اپني دل ۾ جل رها هون

اپني آنکون ۾ بُجهه رها هون!“

اڃا ته مشال خان جي قبر ئي خشڪ ناهي ٿي.روز اُها ماءُ ان قبر تي وڃي ٿي ماتم ڪندي روئندي موٽي ٿي.اڃان ته ان قبر تي اهو ڏيئو ئي نه وساڻو آهي جيڪي اُها ماءُ ٻاري اچي ٿي.اڃان ته ان قبر تي پيل اُهي گلاب جون پتيون ئي نه ڪوماڻيون آهن .اڃان ته اُهي پتيون سرخ آهن.اڃان ته ان قبر مٿان پکي اڏامن ٿا.پاڻ ۾ ڳالهائيندي اهو معلوم ڪن تا ته“ اهو اهو ئي مشال آهن نه جنهن کي جڏهن ساڙيو پئي ويو ته اسان ان ميدان جي وڻن تان اُڏري ويا هُئا سين؟!“

اڃا ته اُهي ڀينرون ان ڀاءُ کي وساري نه سگهيون آهن .اڃان ته ان جا ڪپڙا به خيرات نه ڪيا ويا آهن.اڃان ته ان گهر ۾ ماتم ئي نه کٽو آهي.اڃان ته گهر ۾ هوش وڃايل ماڻهو رهن ٿا.اڃان ته ان گهر تي پوليس جو پهرو آهي.اڃان ته اُهي گهر ڀاتي ڪنهن سان ملندا به ناهن.اڃان ته سڀ ڪجهه ايئن جو ايئن آهي ته ايترو جلدي ان ڪيس جو اهڙو نا انصافي تي ٻڌل فيصلو ڪيئن ٿو اچي سگهي؟!

اُهو فيصلو جيڪو نه ان قبال لالا کي قبول آهي نه ان ماءُ کي ۽ نه ئي ان مشال خان کي جنهن کي ان هجوم ڪچري جي ڍير جيئان ساڙي ڇڏيو هو.  اڃا ته ان جي حق ۾ گروديو ٽيگور جي اها دعا به قبول ناهي ٿي ته

“جڏهن جوان زوري مائرن کان ۽ ڌرتيءَ کان ڌار ڪيا وڃن .اي خدا جڏهن اُهي توڏاهن اچن ته آسمان کي خوشبو ۽ رنگن سان ڀري ڇڏ.ان جوانن جي لاشن تي پوپٽ اڏرندا رهن،۽ انهن مائرن کي صبر ڏي جيڪي اهڙي اذيت برداشت ڪن ٿيون!“

مشال خان جي مردان ۾ موجود قبر پُراڻي ٿي رهي آهي.پر ان ماءُ جي اُها دل پُراڻي هوندي به پُراڻي ناهي جنهن دل ۾ مشال جي ياد رهي ٿي.۽ اک ۾ ڳوڙهو!

اُهو پوڙهو جنهن جا هٿ ڀلي پُراڻا ٿي ويا هجن انهن هٿن ۾ گهنج اچي ويا هجن پر انهن هٿن ۾ هر روز مشال لاءِ نيئن دعا هوندي آهي.

نئين سبق جيان.دعا به ته هڪڙي قسم جو سبق ئي ته هوندو آهي پنهنجي دل کي قرار ڏيڻ لاءِ.

اڄ جڏهن مشال جو ڪيس ۽ ان جو فائل سرڪاري دفترن ۾ بند ٿي رهيو آهي ته ان ماءُ جي دل ۾ هزارين يادن جا دفتر کُلي ويا آهن.

۽ ڏور لنڊن ۾ ويٺل اُهو اقبال لالا پنهنجي پُٽ کي بابا فريد جي انهن سٽن ۾ ساري رهيو آهي ته

“روئندي عمر نڀائي

يار دي خبر نه ڪائي!“

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏيرا شاهي جي ور چڙهيل سنڌ

سارنگ پيرزادو سنڌ ڌرتي  جيڪا هزارين  سالن کان پنهنجو وجود قائم رکيون پئي اچي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے