18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ڀوتارڪي سوچ ۽ سنڌ جي ترقي جو سوال ….؟

سعيد احمد مڱريو

جيڪڏهن اسان دنيا ليول تي ملڪن کي ڏسون ته اهي وقت سان گڏو گڏو تمام گهڻي ترقي ڪندا ٿا وڃن ، انهن جي ترقي  علم ، هنر جي ذريعي ڪٿان کان ڪٿي پهتي آهي ۽ ترقي جون منزلون طعي ڪري رهيا آهن ، مان سمجهان ٿو مون سميت ڪيترن ئي دوستن ٻاهرين ملڪن کي پنهنجي اکين سان نه به ڏٺو هجي پر هن ٽيڪنلاجي  دور ۾ ضرور ڪٿي نه ڪٿي انهن کي پڙهيو هوندو يا ويڊيو مووي ذريعي انهن ملڪن  جا شهر يا انهن جي ٽرانسپورٽ نظام کان وٺي ، انرجي نظام ، روڊ رستا اهڙو ڪجهه ڏٺو هوندو جن جي ڏسڻ سان دماغ دنگ رهجي ويندو آهي ته ڇا اهڙي قسم جون خوبصورت بلڊنگيون  يا روڊ رستا ، ٽرينون به ٿي سگهن ٿيون ، اتان جي  نظام کي سامهون نه به ڏسڻ جو موقعو مليو هوندو پر انهن کي هن انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي  ڪنهن طرح  سان ڏسي يا پڙهي  وٺندا آهيون  ، اهڙي ترقي جي دور ۾ اسين صرف خواب ڏسي سگهندا آهيون، بلڪه اسان جي خوابن ۾ اهڙيون ڳالهيون نه آهن جهڙا ڪم دنيا ڪري رهي آهي ،  ه

يئنر  هن ڌرتي جي گول تي 195 ملڪ موجود آهن   جن مان ٻه ملڪ گڏيل قومن جا ميمبر نه آهن  ، ها اها به حقيقت  آهي ته 195 ملڪ  ئي ترقي يافته نه هوندا نه ئي ايتريون انساني سهولتون هونديون پر دنيا ليول تي اسان انهن سڌريل قومن کي ضرور کڻي سگهون ٿا ۽ انهن جا مثال ڏئي سگهون ٿا ته اهي ڪيترو نه اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ ترقي ڪئي اٿن . پر هتي هاڻي سوال  پيدا ٿو ٿي سنڌ جي ترقي جو …..؟ سنڌ ۾ سياسي پارٽين جي سرڪار آئي هجي يا ڊڪٽيٽرشپ جون حڪومتون آيون هجن پر ترقي جي راهن ۾ هر دور ۾ رنڊڪون ئي نظر آيون آهن ڪٿي سرڪار سنجيدگي ڏيکاري ٿي ڪجه ڪرڻ تي اتي هيٺين ليول تي ڀوتاري سوچ رکندڙ ڌڙو نه ٿو چاهي ته ڪا منهنجي علائقي ۾ ترقي ٿئي ، وڏيرڪي ۽ ڀوتاري سوچ رکندڙ هڪ ٿوري تعداد ۾ طبقو آهي پر ان جو اثر رسوخ ، طاقت تمام گهڻي آهي جنهن جي ٻل تي اهي سنڌ جي عوام کي ننڍين ننڍين سهولتن کان محروم رکيون ويٺا آهن ،  جيڪو هر دور ۾ سنڌ جي ڳوٺ ، واهڻ ، شهرن کي  هن جديد دور ۾  ترقي يافته نه ٿو ڏسڻ چاهي ، ڇو جو ان کي هڪ خوف آهي ته ڪٿي نه ڪٿي منهنجي فرعونيت  ختم نه ٿي وڃي ۽ مال ، ملڪيت کائڻ جا دروازا بند نه ٿي وڃن ، ڪوئي ان تي پنهنجي مالڪي نه جتائي ،  هن جديد  دور ۾ هو اهو به سوچي ٿو ته هي جيڪو نئون نسل هن غربت جي دور ۾ پڙهي ڪري پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۾ واپس اچي ٿو، اهو ڪٿي نه ڪٿي مون کي پنهنجي علم ، هنر جي ذريعي مون کان منهنجي بادشاهي نه کسي وٺي . ان ڀوتار  نه رڳو سهولتن کان محروم رکيو آهي پر سنڌ جي قدرتي وسيلن کان وٺي زراعت تائين ان تي پنهنجا قبضا رکيا آهن، جنهن جي رويي جي ڪري سنڌ کي اقتصادي طور به وڏو نقصان  پهتو آهي، ته ڪٿي اهي قدرتي وسيلن تي پنهنجا قبضا ڄمايون ويٺا آهن ته ڪٿي اهي زراعت ، ڍنڍن ، نهرن تي پنهنجا قبضا ڪيون ويٺا آهن ، اهڙي صورتحال ۾  سنڌ جو نسل  ، نسل در نسل پنهنجي وجود جي بقا جي لڙائي لڙي رهيو آهي  ، ڪٿي اهو صاف پاڻي پيئڻ جي هڪ ڦڙي جي  لاءِ ٿو تڙپي ته ڪٿي اهو امن ۽  علم  جون خواهشون رکيون ويٺو آهي ،

سنڌ جي پوئتي پيل شهرن تي جڏهن نظر ڦيريون ته اتي انساني زندگي جي رهڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي پر پوءِ به اتي سنڌي ماروئڙا رهيا پيا آهن پنهنجن ابن ڏاڏن جي کڪائن گهرن ۾ ، اتي صرف مسئلو اهو ئي آهي ته روڊ رستا تباهه آهن ، زندگي جون بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن، پر اتي شهنشاهيت برقرار آهي ، اتي وڏيرڪي ، ڀوتاريڪي سوچ ضرور موجود آهي جيڪا سوچ انهن عام رهواسين کي زندگي جي بنيادي صحولتن کان محروم رکيون ويٺي آهي ،

علائقي ڀوتارڪي سوچ رڳو اتان جي ماڻهن کي دلاسن کان سواءِ ڪجهه ڪونه ڏنو آهي ، بجاءِ ڪجهه سهولتون ڏيڻ جي ، وقتن بوقتن انهن مٿان ظلم به ڪيا  وڃن ٿا ڇو ته  قانون، انتظام انهن جي اڳيان اتي ڪابه اهميت نه ٿو رکي، اتي ان قانون جو رکوالو اهو ئي پاڻ هوندو آهي ، اتي ان جو نظام پنهنجو پيدا ٿيل آهي،  جنهن بنياد تي هو ظلم ۽ قبضا ڪري پنهنجي  عياشين جا اڏا قائم ۽ دائم رکيون ويٺو آهي، اهڙي بربريت کي اڄ جو نوجوان ڪيئن مقابلو ڪري پر  جيڪڏهن اهو ڪٿي ڪٿي مقابلو ڪري به ٿو ته اتي   ان کي جاني  نقصان جون ڌمڪيون ٿيون ملن ، هن موجود دور جي اندر جيڪڏهن اسان يورپ جي تاريخ پڙهون ته اتي به انڌيرو هو ڪا ترقي ڪون هئي  ، مذهبي پيشوا ئن جي بادشاهي هوندي هئي ۽ انهن جا اختيار هوندا هئا ، پر ڪو اتي وقت اهڙو آيو جو اتان جي دانشورن ، پڙهيل لکيل طبقي اتان  جي پادرين بادشاهن سان چيليج ڪئي ۽ سوال اٿاريا، انهن اهڙي همٿ ڏيکاري جو اتان جي ا ڪٽر مذهبي پادرين جي سامهون بيهي مقابلو  ڪيو، پوءِ ڀلي کين انهن کي زهر جا پيالا پيئڻا ڇو نه پيا ، جيئرا ساڙيا ويا ، ڦاهين تي ٽنگيا ويا سندن سر ڌڙ کان ڌار ڪيا ويا پر اهي پنهنجي موقف کان ڪون هٽيا،  اڄ  ان جو اهو نتيجو نڪتو آهي، جو يورپ جا ملڪ پوري دنيا تي حڪمراني ڪيون ويٺا آهن ،

سنڌ جي ترقي جو حل به ان ۾ آهي ته هتان جو دانشور ، پڙهيل لکيل ماڻهن جو فڪر ، سوچ صحيح رخ اڳتي وڌڻ جو ذريعو ئي آهي ته اسان پنهنجي سوچن کي تبديل ڪيون ، جستائين ان ڀوتارڪي سوچ مان نه نڪرنداسين ته اسان جا ڪنهن به قسم جا مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن ،  جن قومن به ترقي ڪئي آهي،  انهن پنهنجي علم ، عقل ، سمجهه ، ساڃاهه ، فڪري ڪردار جي پختگي سان پنهنجي سماج ۾ تبديل آندي آهي، جيئن  نيپولين جو هڪ قول آهي ته ٻن قسمن جي طاقت  سان  تبديلي اچي سگهي ٿي هڪ تلوار ، ٻيو دماغ ، پر تلوار به دماغ سان ئي هلائي ويندي آهي،  ان جو مطلب ته دماغ ، عقل ، هنر ، علم سان ئي ويڙهه وڙهي وڃي ته تبديلي اچي سگهي ٿي، اهڙي طرح سان اسان پنهنجي علم ۽ هنر  سان ئي پنهنجي  سماج ۾ تبديلي آڻي سگهون ٿا ،  پر جيڪڏهن هن جديد دنيا ۾ رهي ڪري به اسان جا رويا ،  سوچون ۽ علم  ڀوتارن ۽ سردارن وٽ  يرغمال رهيو ته پوءِ ايئن سمجهو ته  اسان پنهنجي ايندڙ  نسل  کي دوکو ڏئي رهيا آهيون ، اسان ڪڏهن به ترقي يافته قومن سان پنهنجو مقابلو پوءِ نه ٿا ڪري سگهون ، تبديلي صرف ۽ صرف ان ۾ ئي ممڪن آهي ته اسان ڀوتارڪي سوچ سان مقابلو ڪيون ۽ پنهنجي پيرن مان غلامي جا زنجير ٽوڙي ڪري وقتائتا فيصلا ڪيون ته جيئن سنڌ هڪ خوشحالي جو  مرڪز بڻجي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ حڪومت کي پنهنجي گهران لڳندي!؟

عبدالمجيد مغيري پي ٽي آءِ، عمران اسماعيل کي سنڌ جو گورنر نامزد ڪيو، هن صاحب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے