23 اربع , مئي 2018

ڊيووس ۾ 2018 جو ” پاڪستان بريڪ فاسٽ“

اڪرام سهگل

عالمي اقتصادي فورم حقيقي معنيٰ ۾ هڪ غير جانبدار ۽ آزاد فورم آهي، جيڪو مخصوص مفادن يا گروهي مفاد سان سلهاڙيل ناهي، ان فورم جو  هر سال ٿيندڙ ساليانو اجلاس هڪ منفرد موقعو هوندوآهي، جڏهن سڄي دنيا جا مُک سياسي اڳواڻ، مختلف ملڪن جا حڪمران، ڪاروباري ۽ صنعتي شعبي جا اڳواڻ، پاليسي ساز، تعليمي ماهر، اسڪالر، سائنسدان، فلاحي خدمتون ڏيندڙ  سماجي ڪارڪن، ميڊيا جون سڄاڻ شخصيتون ۽ ٻيا نمايان ماڻهو معيشت، صحت، ماحوليات، ميڊيا، سلامتي ۽  ڪيترن ئي اهم مامرن بابت عالمي ۽ علائقائي ايجنڊا جي جوڙ جڪ لاءِ هڪ ڇت هيٺان ڪٺو ٿيندا آهن. ملٽي نيشنل  ڪارپورريشن، ڪي سي اي او، عالمي ليڊر، سجاڳ شخصيتن جي وچ ۾ عالمي اقتصادي صورتحال، ماحولياتي مسئلن سميت ڪيترائي اهم موضوع  بحث هيٺ ايندا آهن. ان فورم تان ڪيئي تحقيقي رپورٽون پڌريون ڪيون وينديون آهن، جن ۾ خانگي توڙي سرڪاري شعبي جي گڏيل سهڪار سان عالمي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اپاءَ تجويز ڪيا ويندا آهن. عام طور تي ان فورم ۾ شرڪت ۽ ان جي ڪوريج لاءِ ٻن هزار ماڻهن کي دعوت ڏني ويندي آهي.

پاٿ فائنڊر ۽ ڊو مارٽن گروپ جي سهڪار سان ٿيندڙ ” پاڪستان بريڪ فاسٽ“ فورم ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي هڪ روايت جي شڪل اختيار ڪري چُڪو آهي. 2002ع کان باقاعدگي سان ان جي دعوت جو انتظام ڪيو ويندو آهي. هن ڀيري وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ان جو خاص مهمان هو. دنيا اندر پاڪستان کي پنهنجي اميج بابت انتهائي ڳڻتي جوڳا مسئلا آڏو آهن، پاڪستان بريڪ فاسٽ، سڄي دنيا ۾ آيل انتهائي اهم مهمانن آڏو پاڪستان بابت اڀريل منفي تاثر کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ ٻڌندڙن آڏو بهترين انداز ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ ان جو اهو چوڻ انتهائي وقتائتو هو ته ” ٻه پاڪستان آهن،  هڪ اهو جيڪو سي اين اين ڏيکاري ٿو ۽ ٻيو آهي حقيقي پاڪستان“.  هن واضح ڪيو ته عالمي ميڊيا جانبداري جو مظاهرو ڪري ڪنهن به اهڙي خبر کي هٿو هٿ ڪوريج ڏئي ٿي، جنهن سان پاڪستان جي منفي تصوير دنيا آڏو آڻي سگهجي. بدقسمتي سان اڪثر پاڪستان بابت ڪيترن ئي مثبت ۽ سٺي پاسن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن يا انهن جي درست انداز ۾ رپورٽنگ ناهي ڪئي ويندي. وزيراعظم، پاڪستان، بريڪ فاسٽ جهڙن فورمن کي تصورن ۽ حقيقت تي ٻڌل وڇوٽيءَ کي ملائڻ لاءِ اهم ليڪ قرار ڏنو. 35 ملڪن سان واسطو رکندڙ 250 پهچي چُڪا هيا. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي موجودگيءَ تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جنهن جي موجودگي کي وزيراعظم به ساراهيو. اِهو جمهوري روايت لاءِ هڪ يادگار لمحو هو، جنهن جو سڀني اعتراف ڪيو آهي. پاڪستان بريڪ فاسٽ جو بنيادي مقصد پاڪستان جو سافٽ اميج آڏو آڻڻ ۽ سيڙپ ڪاري جا موقعا متعارف ڪرائڻ آهي.

گذريل سال ناشتي جي ان دعوت جو خاص مهمان جنرل (ر) راحيل شريف هو، موجوده تقريب ۾ جوش ۽ جذبو جيڪڏهن گذريل سال کان وڌيڪ نه هو ته گهٽ به نه هو. سال 2017ع ۾ گهڻن سوالن جو رخ پاڪستان ۾ جمهوريت جي مستقبل ڏانهن هو ۽ هن ڀيري سڀنيتقريبن جا موضوع غير تڪراري رهيا ۽ اهل ڊيووس وارن به ان کي ساراهيو.

وزيراعظم پاڪستان کي پيش ايندر چيلنجز، سرمائيڪاري جي موقعن ۽ امڪانن بابت صاف گوئي ۽ وضاحت سان گفتگو ڪئي، خاص ڪري سنگاپور، آمريڪا، برطانيا ۽ جاپان سان واسطو رکندڙ مهمانن جي گهڻي دلچسپي پاڪستان جي سلامتي چيلنجز ۽ خطي تي پوندڙ اثرن وارا موضوع هيا. وزيراعظم، پاڪستان جي ساک کي مثبت انداز ۾ هٿي ڏيڻ تي پاٿ فائنڊر گروپ ۽ ڊومارٽن گروپ جي ان ڪوشش جي تعريف ڪئي.

پاڪستان بريڪ فاسٽ جو هڪ ٻيو اهم  اهم پاسو اهو آهي ته هي هنڌ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو غير رسمي انداز ۾ ملڻ جلڻ جو پليٽ فارم بڻجي چُڪو آهي.

ڊيووس ۾ پاڪستان لاءِ ڪيترائي امڪان آهن پر بدقسمتي سان مستقل بنيادن تي هتي پاڪستان جي نمائندگي تي ڌيان ناهي ڏنو ويو. ان جي ابتڙ ڀارت به سئو کان وڌيڪ انٽر پينورز کي ڊيووس ۾ گڏ ڪيو، جتي نه رڳو ملڪ جي نمائندگي ڪئي پر ڪاروباري رابطا به بڻايا، اُها دنيا جنهن کي اسان هاڻي  گلوبل وليج ٿا چئون، تنهن جا تيزي سان سياسي، سماجي ۽ اقتصادي سطح تي مثبت اثر پئجي رهيا آهن، سو دنيا جي غلط تصورن کي تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجو مقدمو موئثر انداز ۾ گڏيل قومن جي آڏو پيش ڪرڻ پاڪستان جي ضرورت بڻجي چُڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اقتدار جي آخري ڏهاڙن ۾ ته عوام کي مهانگائي کان بچايون وڃو؟

شبير سوڍڙو اقتدار جا مزا ماڻيندڙن کي اڳيان 5 سال ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني ياد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے