17 جمعو , آگسٽ 2018

سنڌ جي سرويچ کي جنم ڏينهن مبارڪ

صاحب خان ڀٽي

صوفين جي سرزمين تي ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن جنم ورتو آهي جن پنهنجي محنت ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد سان وڏو نانءُ ڪمايو آهي ته ڪن وري پنهنجي ڌرتي خاطر جانين  جا نذرانا ڏئي پنهنجي تاريخ لکي آهي جيڪي اڄ سڄي سنڌي قوم جي دلين ۾ زنده آهن، انهن کي اڄ به قوم فخر سان ياد ڪندي آهي ۽ انهن  جي ڪيل خدمتن جا مثال ڏئي نوجوانن ۾ سنڌ ڌرتي سان محبت ۽ جدوجهد جو جذبو پيدا ڪيو ويندو آهي. ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو آهي، اهي هميشه  هر هڪ جي دل ۾ ڌڙڪندا رهندا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي هوندو آهي جو اهي ماڻهو انسانيت جي خدمت تي يقين رکندا آهن ۽ پنهنجي قوم لاءِ جانين جو نذرانو ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا آهن، تنهن ڪري ئي چوندا آهن ته ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ۽ انهن مان سرويچ پير زادو به هڪ هو، جنهن 9 فيبروري 1991ع موهن جي ڌڙي ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي قائم ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾  لطف پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن کي ننڍ پڻ کان ئي لطيف جي شاعري سان وڏو لڳاءُ هو، جنهن سبب کيس لطيف جو پارکو به سڏيو ويندو هو، سرويچ پيرزادي کي ننڍ پڻ کان ئي سنڌ سان تمام گهڻي محبت هئي جنهن سبب سندس رڳ رڳ ۾ سنڌيت  شامل هئي، هو ذات پرستي کان پاڪ هو، کيس فڪر هو ته صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌ جي ماروڙئن جو هو، سنڌ نوجوانن سان ٿيندڙ زيادتين، ڌارين جي لوڌ ۽ معدني وسيلن جي ڦر لٽ تي سرويچ پيرزادي کي تمام گهڻي ڳڻتي هوندي هئي، جنهن سبب هن پنهنجي جدوجهد جو مرڪز صرف ڪراچي کي بڻايو هو،

جڏهن 2010ع ۾ مهاٻوڏ آئي هئي ته ان وقت سنڌ جا ڪامورا صرف بيان ڏيڻ ۾ پورا هئا ۽ متاثرن لاءِ ايندڙ فنڊن کي ڳڙڪائڻ بابت ٽڪساٽ ڪري رهيا هئا ته ان وقت لطيف جي پارکو سرويچ پيرزادي مهاٻوڏ جي متاثرن جي مدد لاءِ  جدوجهد شروع ڪئي هئي ۽ انهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، هر هڪ احتجاج ڪندڙ سنڌي سان سرويچ هڪ آواز ٿي ويندو هو، سندس دل ڌڙڪندي هئي ته اها به صرف سنڌ لاءِ ڌڙڪندي هئي، سندس اڻ ٿڪ محنت مان لڳندو هو ته هو سنڌ جو ڪو جوڌو هو،

اڄ سرويچ پيرزادي جي 26 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي ۽ کيس ڀيٽا به پيش ڪئي پئي وڃي ۽ هر هڪ ماڻهو کيس ياد به ڪري رهيو  آهي، جنهن سبب سرويچ هر هڪ جي دل ۾ زنده  آهي، سنڌ جا ساڃاهه وند، دانشور ۽ ماروئڙا اڄ به سرويچ جي سنڌ سان ڪيل محبت ۽ ڏنل قرباني کي سرخ سلام پيش ڪري رهيا آهن، هيءَ ڌرتي صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي جتي انقلابي ماڻهو جنم وٺندا رهندا آهن، جڏهن به سنڌ سان ظلم ٿيو آهي بهادرن جنم ورتو آهي ۽ سرويچ هڪ ڀيرو ٻيهر جنم وٺندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مفاهمت پسندن جي وڪڙ ۾ آيل ڪپتان

شفيق الرحمان شاڪر تبديلي،احتساب ۽ عوام جي تقدير بدلائڻ جي نعرن تي ووٽ حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے