20 سومر , آگسٽ 2018

ٿر جي  معصوم طيبه راهمون ڪراچي شهر ۾ انصاف جي اوسيئڙي ۾!!

حاجي شاد راڄڙ

سنڌ جيڪا هميشه محبتن جو اُھڃاڻ رهي آھي  جتي نه رڳو پنهنجا محفوظ ھُئا پر جڏھن ڌاريا به اچي پناھَ وٺندا هُئا ته پنهنجي پاڻ کي محفوظ سمجهندا هُئا پر افسوس جو اڄ اُتي سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو محفوظ نه آھن.

تازو  جيڪو  جيءُ جهوريندڙ واقعو ڪراچي جي سعيد آباد واري علائقي ۾  رهندڙ ٿر جي معصوم نياڻي طيبه راهمون سان ٿيو آھي تنهن ته سنڌ جي صديون پُراڻي تاريخ لڄائي ڇَڏي آھي. ايم ڪيو ايم جي اوباش نوجوانن جي هڪ معصوم ٿر ڄائي طيبه راهمون سان نه رڳو اجتماعي زيادتي پر سندس ننگي وڊيو ڪلپ ٺاهي، کيس لاڳيتو لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو آھي، کيس ڌمڪيون ڏيندي اُنهن لنڊن جي لاڏلن جي پُٺڀرائي تي معصوم ماڻھن لاءِ ڌرتي تنگ ڪندڙ اُنهن الطاف حسين جي پارٽي جَي اوباش نوجوانن  کي ڪير سمجهائي ته ٿر جا ماڻھو هميشه مارئي جو مُلڪ ڇَڏڻ وقت هڪ وڏو زهر جو ڍُڪ ڀري ڇڏيندا آھن، بُک جهڙي بُڇڙي ٽول کي ٽارڻ لاءِ ھو پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيھَه مان بس ڀنل نيڻن سان انهيءَ اُميد سان نڪرندا آھن ته ڪو سُک جو ٽڪر ڳڀو کائي پنهنجن ٻَچن جو مستقبل ته بچائي سگهون…پر افسوس جڏھن وڏن شھرن ۾ اُنهن معصوم ماڻھن سان اهڙا ڪَلور ٿيندا ته هو مسڪين ماڻھو پنهنجن ٻچن کي ٿر جي تتل واري تي شايد بُک ۽ڏُک وگهي تڙپي مرڻ کي اوليت  ڏيندا پر اُن شھر ڏانهن رُخ نه ڪندا جتي لسانيت جي بُنياد تي خاص ڪري سنڌي ماڻھن جي نياڻين ۾ اکيون وڌيون وَڃن.

“ڀلي بُک ڀرم جي شال نه وڃي شان“ جي  سَٽَ پويان سوين سال سورن جا سفر ڪاٽيندڙ اُھي مارو ماڻھو بُکون مري ڀٽڪي مري ويندا پر ڪڏھن به انهن طعامن جي طلب ڪونه ڪندا، جيڪي سندن لَڄون لٽجڻ کانپوءِ حاصل ٿين.

هي رڳو هڪ طيبه راهمون سان زيادتي ناهي ٿي پر هن وقت ڪافي عورتون سنڌ ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ٿي پنهنجيون عصمتون محفوظ رکي ناهن سگهيون ڪڏھن ڪا معصوم ناري بدين ۾ گٽر ۾ اُڇلايل ملي ٿي ته ڪٿي وري هٿونگو ڄائي زينب به اُنهن پناھ گيرن هٿان  زيادتي جو شڪار بڻجي ٿي، جنهن جي معصوم چهري تي لڙي ايندڙ اُنهن لُڙڪن کي به معنيٰ نٿي ملي جيڪي سندس معصوم ڳلن تي اُداسي ۽ لاچاري جو چٽو اشتهار بڻيل آھن ته ڪٿي وري ڪا ناري جيڪب آباد ۾ به اُنهن بگهڙن جي هٿان بَکُ بڻجي ٿي جيڪي پنهنجي حَوس پوري ڪرڻ کانپوءِ ننڌڻڪي ڪري ڪنهن ڪمند ۾ اُڇلائي انسانيت کي لڄائي وڏا تونگر بڻجي ڪنهن ڀوتار جي بنگلي تي وَڃي ٿَڪُ ڀَڃن ٿا .

سنڌ کي ڪنهن مقتل گاھَ بڻايو آھي سنڌ جي صديون پُراڻي امن جي پيغامبر ڇاتي ۾ ڪنهن ڇُرو هڻي سندس وجود لهو لهان ڪيو آھي ؟اهو سُوال اڄ به ڪنهن اُمراڻي ٻار جي تتل ريت تي پيل وکن کانپوءِ سندس ڳل تي لَڙي ايندڙ لُڙڪ جيان سواليه بڻيل آھي؟

ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين جتي هر گهڙي سنڌ جي معصوم نياڻي محفوظ ناهي ته اُتي اسان جي حڪمرانن جو رَويو به رَتُ روئاريندڙ آھي. پهرين ڳالھه ته جيڪي به ماڻھو ڪنهن سازش تحت ڪنهن معصوم نياڻي سان زيادتي ڪندا آھن ته اُنهن ڪي ڪن ڀوتارن سردارن وزيرن جا اهي آسرا هوندا آھن ته هو اسان کي هڪ پَلُ به پوليس حوالي ٿيڻ ڪونه ڏيندا ڇو جو اڪثر ته سنڌ ۾ الميو اهو آھي جو اڄ به پوليس کي ڪنڌ ۾ پٽو وري به انهن وزيرن مُشيرن ڀوتارن جو پيل آھي جيڪي جڏھن چاهين اُن پَٽي کي ڇَڪ ڏين يا جڏھن چاهين ڍَر ڏين…!!

اهڙي ڪُڌي قانون هيٺ ڪٿي ٿو انصاف ملي انهن مظلوم ماڻھن کي جن کي حُڪمران صرف ووٽ ڏيڻ واري هڪ مشين سمجهندا آھن جڏھن . صرف اليڪشن واري وقت انهن جو بٽڻ دٻائي ائين ووٽ وٺڻو آھي جيئن هو اي ٽي ايم مان پنهنجا پئسا ڪيش ڪرائيندا آھن باقي ڏُک درد تڪليف ۾ هُنن کي اهو چئي ٽاريو ويندو آھي ته ”بابا!ڇا ڪجي قضا پُڇي ناهي ايندي جيڪڏھن هاڻ ڪجهه اوهان سان ٿيو ته اسان ويٺا آھن هر ڀيري سندن اڳتي لاءِ ساٿ ڏيڻ واري جُملي جو توڙ اوستائين ڪندا آھن جيستائين وڃي سندن وزارت جو مدو پورو ٿيندو آھي.

سنڌ جا ماڻھو جن کي هن جهموري دور مان وڏيون اُميدون هُيون ته بُک ختم ٿيندي ۽ هڪ پورهيت ماڻھو گهٽ ۾ گهٽ سُک جو ٽُڪر کائي ساھُ ته کڻندو پر سندن اُميدن مٿان تڏھن پاڻي ڦري ويو جَڏھن مهانگائي چوٽ چڙھيل آھي ڏينهن ڏھاڙي گئس تيل بجلي جا اگهه چڙھندا وڃن ڪو ماڻھو محفوظ ناهي آخرڪار ڪڏھن اهو انتشار ختم ٿيندو ۽ هڪ پورهيت ماڻھو سُک جو ساھُ کڻندو…؟

اسان جي حڪمرانن کي صرف هن وقت اليڪشن نظر ۾ آھي، کين اهي خدشا ورائي ويا آھن ته هن ڀيري ڪيئن پنهنجي تڪ جي عوام کي ٻيهر لفظن جا لولي پاپ ڏئي ووٽ وٺجن پر هنن کي اُن ڏُکن جي ماريل ماڻھن جو درد نٿو محسوس ٿيئي جن کي هن ڌرتي تي گهٽ ۾ گهٽ سُک سان ساھُ کڻڻ به نٿو ڏنو وڃي..!

هي جديد دور آھي جتي جديد هزار ٽيڪنالاجي جا سورسز ماڻھن لاءِ روزگار جو ذريعو بڻيل آھن اُتي جيڪڏھن ڪا نياڻي گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته کيس انهن اوباش نظرن جا نشانا ٿا تڪڻ لڳن جن کي شايد نه پوليس جو خوف آھي نه وري ڪو انتظاميا جو بس هتي ته جهنگ جو قانون پيو هلي هڪ انساني وجود تي ائين هَلان ٿيئي ٿي جو هو پاڻ دنگ رهجي ٿو وڃي ته آخرڪار هي ٿيو ڇا…!؟

هي جيڪا انسانيت جا ليڪا لتاڙيندڙ وارتا روشنين جي شھر ڪراچي ۾ معصوم طيبه راهمون سان ٿي آھي ان مسئلي تي اسان جي حڪمرانن کي اک پور هرگز نه ٿيڻ نه گهرجي؟ هر ممڪن ڪوشش ڪري کين يقين ڏيارڻ گهرجي ته توهان سان ضرور انصاف ٿيندو اصل ۾ ڪجهه اوباش ڇوڪرن خلاف ايف آءِ آر ته درج ٿي آھي پر ان سڄي صورتحال جي پويان ڪنهن جو هَٿُ آھي انهن چهرن کي به ظاهر ڪرڻ گهرجي، ڪٿي ائين نه ٿيئي جو اڄُ ھڪ طيبه سان وحشين وارُ ڪري سندس عزت تاراج ڪئي آھي ڪٿي اُن جو ريشو اڳتي نه وڌندڙ ھُجي اهي سڀ خدشا رکي سنئون سڌو چيف جسٽس آف پاڪستان کي هن مسئلي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

ڇو جو ڪراچي جيڪا روشنين جو شهر آھي ته اُتي اهڙن اونداهن ذھنن کي به ضمير جي لاٽ سان سُجاڳ ٿيڻ گهرجي جيڪي هن هيڏي ساري واردات تي خاموش آھن وري به جَسُ ھُجي پ ٽي آءِ  سنڌ جي صدر محترم حليم عادل شيخ کي جنهن نياڻي جي مَٿي تي هَٿُ رکي اهو يقين ڏياريو آھي ته اهي لنڊن پوٽا ڪڏھن به قانون کان بچي ڪونه سگهندا ۽ هڪ ڏينهن ضرور جيل ڀيڙا ٿيندا. هن معاملي ۾ سڀني پارٽين کي اڳڀرو اچڻ گهرجي هي ڪو ڪنهن به هڪ پارٽي جو مسئلو ناهي ۽ نه وري ڪا پنهنجي سياست چمڪائڻ جي گهڙي آهي، هي ته اھڙي گهڙي آھي جنهن ۾ ڏُکويل خاندان سان هر قدم تي ساٿ ڏيڻ جو ۽ انهن ايم ڪيو ايم جي اوباش نوجوانن کي قانونن جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ جو جيڪي شايد اڃان ان خوشفهمي جو شڪار آھن ته ڪجهه وقت پهرين جيئن اسان معصوم ماڻھن جي گهرن ۾ گهڙي ويندا هئاسين ڪجهه نه ٿيندو هو.

پر هاڻ اهو وقت ناهي رهيو. هاڻ ڪجهه حالت تبديل آُهن اڳ ته پکي به پر ايم ڪيو ايم جي اشاري کانسواءِ نه هڻندو هو پر ھاڻ رينجرس سندن سُٺو صفايو ڪيو آھي، ته اُتي اسان اميد ٿا ڪيون ته هن ٿر جي معصوم جي خاندان کي ضرور انصاف ملندو،جيڪي هينئر پنهجي لَڄَ لُٽجڻ کانپوءِ به هڪ خوف ۽ غير يقيني صورتحال هيٺ محفوظ ناهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا عمران خان ڀارت سان لاڳاپا بھتر ڪرڻ لاءِ ڪي آزاد قدم کڻي سگھندو؟

خادم رند  ڇنڇر 18 آگسٽ تي عمران خان وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻي ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے