15 اربع , آگسٽ 2018

خطي ۾ دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششن لاءِ بلاول ڀٽو جي تجويز

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته طالبان ۽ مجاهد پاڪستان نه پر آمريڪا ٺاهيا ۽ آمريڪا ئي پاڪستان کي زبردستي افغان جنگ ۾ ڌِڪيو. آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي صدر جي پاڪستان مخالف ٽوئيٽ بابت چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ 33 ارب ڊالرن جو مهڻو ڏئي مون سميت سڀني پاڪستانين جي دل آزاري ڪئي آهي، آمريڪا مجاهدن جي مدد لاءِ پاڪستان کي مجبور ڪيو، منهنجي ماءُ ان وقت جي صدر جارج بش کي خبردار ڪيو هو ته آمريڪا ذاتي لشڪر نه ٺاهي. بلاول موجب بينظير ڀٽو اهو به چيو هو ته اهڙي بَلا نه پيدا ڪيو، جيڪا اڳتي هلي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ايترا آمريڪي نه مئا، جيترا پاڪستاني شهيد ٿيا، پاڪستانين ڄمي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ ان ۾ گهٽتائي ٿي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته افغانستان جو 75 سيڪڙو علائقو اڄ به افغان حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناهي، افغانستان، آمريڪا ۽ نيٽو فورسز گڏجي به افغانستان مان دهشتگردي جو خاتمو نٿا ڪري سگهن پر اهي اميد ٿا رکن ته پاڪستان اڪيلي سر دهشتگردي جو خاتمو ڪري. هن پاڪستان خلاف ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته آميريڪي سرڪار افغان جنگ ڀيري مجاهدين ۽ طالبان جي حمايت ڪئي هئي ۽ پاڪستان کي پڻ انهن جي حمايت ڪرڻ جو چيو هو. هن چيو ته اسان اڳتي ڏسڻ چاهيون ٿا. ماضيءَ کي وساري نوان لاڳاپا ڪرڻ چاهيون ٿا. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان، افغانستان ۽ آميريڪا کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

جمعو 9 فيبروري  2018ع، 22 جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قطب رند جو ٽيون قاتل ڪير آهي؟

سنڌ جي آرٽسٽ ۽ تخليقار قطب رند جي قتل جي ڳجهارت جهڙوڪر هاڻي ڀڄي پئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے