16 خميس , آگسٽ 2018

پنهنجي سرزمين ڪنهن جي به خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين: خرم دستگير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن جي به خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو، اسان هر قسم جي دهشتگردي جا مخالف آهيون ۽ پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عالمي برادري کي گهڻي مدد فراهم ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ يورپي يونين ملٽري ڪميٽي جي چيئرمين جنرل ميخائل سان ملاقات دوران خرم دستگير جو چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم چوراهي تي بيٺو آهي ۽ اسان امداد جي جاءِ تي واپار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته انتهاپسندي جو بنيادي سبب بي روزگاري ۽ غربت آهي، جنهن تي ڌيان ڏيڻو پوندو، اسان افغانستان سميت سڄي خطي ۾ امن جا خواهشمند آهيون، ڇو ته پرامن افغانستان پاڪستان سميت سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي. ان موقعي تي ميخائل جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻه طرفي سطح تي اعليٰ سطحي رابطا ۽ ملاقاتن جو سلسلو وڌائڻو پوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج جو واسطو نواز شريف سان نه پر انصاف سان هو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته احتجاج جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے