17 جمعو , آگسٽ 2018

فوج ۽ عدليا خلاف بيان بازي جي ڪا گنجائش ناهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان ڪابينا ۽ پارلياماني اجلاس ۾ اهو چئي چڪا آهيون ته فوج ۽ عدليا تي بيان بازي نه ڪئي وڃي، جيڪڏهن طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز جي لفظن سان ڪنهن جا جذبا مجروح ٿيا آهن ته کين عدليا کان معافي وٺي ڇڏڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪي فوج ۽ عدليا خلاف بيان جي نه آئين ۽ قانون ۾ ڪا گنجائش آهي، نه وري ان جي ضرورت ئي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان سان جمهوريت ڪمزور ٿي، سينيٽ چونڊن ۾ سڄي ملڪ جون نظرون بلوچستان تي هونديون، هارس ٽريڊنگ ڪندڙن کي منظر تي آڻينداسين. شاهد خاقان عباسي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ڏيهه واپسي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هو عدالتي حڪم تي ملڪ کان ٻاهر ويو هو ۽ جيڪڏهن عدالت اڄ به حڪم جاري ڪري ته کيس موٽائڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Money Laundering Scandal: Asif Zardari by consulting with lawyers After all, the decision to not be submitted in the Supreme Court

مني لانڊرنگ ڪيس: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ بئنڪنگ ڪورٽ جاچ بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے