24 ہفتہ , فروری 2018

ايم ڪيو ايم جي ٻڏندڙ ٻيڙي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي وڃو: سعيد غني جي آڇ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا جيڪي ماڻهو وڙهي رهيا آهن، اهي باني جي ڏوهن ۾ شامل آهن، ايم ڪيو ايم جي ٻڏندڙ ٻيڙي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي وڃو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته فاروق ستار پاڻ چئي رهيو آهي ته اصلي مسئلو ٻيو آهي، کيس ٻڌائڻ گهرجي ته اصل مسئلو ڇا آهي. سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ وڏو وزير بڻجڻ جا خواب ته هر ڪو ڏسي سگهي ٿو، ڪراچي کي ايم ڪيو ايم قومي سياست کان ڌار ڪري رکيو، وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي وفاق جي سياست سان ڳنڍجي، ماضي وارو ڪراچي نٿا چاهيون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارن تماشو شروع ڪيو پر ڪراچي جا ماڻهو ان مان جان ڇڏائڻ چاهين ٿا، ايم ڪيو ايم ۾ ڌڙابندي سان ووٽر پريشاني جو شڪار آهي، ڪراچي جي ووٽرن جي بهتر چونڊ پ پ ٿي سگهي ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے