23 اربع , مئي 2018

طالبان ۽ مجاهد پاڪستان نه پر آمريڪا پيدا ڪيا: بلاول ڀٽو زرداري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته طالبان ۽ مجاهد پاڪستان نه پر آمريڪا ٺاهيا ۽ آمريڪا ئي پاڪستان کي زبردستي افغان جنگ ۾ ڌِڪيو. آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي صدر جي پاڪستان مخالف ٽوئيٽ بابت چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ 33 ارب ڊالرن جو مهڻو ڏئي مون سميت سڀني پاڪستانين جي دل آزاري ڪئي آهي، آمريڪا مجاهدن جي مدد لاءِ پاڪستان کي مجبور ڪيو، منهنجي ماءُ ان وقت جي صدر بش کي خبردار ڪيو هو ته آمريڪا ذاتي لشڪر نه ٺاهي. بلاول موجب بينظير ڀٽو اهو به چيو هو ته اهڙي بَلا نه پيدا ڪيو، جيڪا اڳتي هلي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ايترا آمريڪي نه مئا، جيترا پاڪستاني شهيد ٿيا، پاڪستانين ڄمي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ ان ۾ گهٽتائي ٿي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته افغانستان جو 75 سيڪڙو علائقو اڄ به افغان حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناهي، افغانستان، آمريڪا ۽ نيٽو فورسز گڏجي به افغانستان مان دهشتگردي جو خاتمو نٿا ڪري سگهن پر اهي اميد ٿا رکن ته پاڪستان اڪيلي سر دهشتگردي جو خاتمو ڪري.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سبيڪا جي موت افسوس جوڳو آهي، جنرل جوزف جو تعزيت جو اظهار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل جوزف پاڪستاني شاگردياڻي سبيڪا شيخ جي لاڏاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے