23 اربع , مئي 2018

سعودي شاهي عدالت تي تنقيد، ڪالم نگار کي 5 سال قيد جي سزا

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي فوجداري عدالت هڪ ڪالم نگار کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. صالح الشحي نالي ان ڪالم نگار سعودي عرب جي شاهي عدالت تي تنقيد ڪئي هئي، جيڪو ولي عهد سلمان بن عبدالله جي سربراهي ۾ قائم هڪ سرڪاري ادارو آهي. صالح الشحي هڪ مشهور ڪالم نگار آهي، جنهن جا ٽوئيٽر تي 12 لک کان وڌيڪ فالوئر به آهن. هن 12 ڊسمبر تي هڪ ٽيلي ويزن پروگرام ۾ ان اداري تي تنقيد ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ کيس حراست ۾ ورتو ويو هو. واضح رهي ته صحافين جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم ”ڪميٽي  ٽو پراجيڪٽ جرنلسٽس“ اڳ ئي سعودي حڪومت کان الشحي جي آزادي جو مطالبو ڪري چڪي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision of the PPP not to be presented for the next financial year

ڪي پي جو حڪومت ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپخونخواهه حڪومت ايندڙ مالي سال 19-2018 جو بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے