15 اربع , آگسٽ 2018

اردن جو شاهه عبدالله پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اردن جو حڪمران شاهه عبدالله ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي. شاهه عبدالله نور خان ايئر بيس پهتو، جتي صدر ممنون حسين سندس آجيان ڪئي ۽ مهمان ملڪ جي صدر کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، ان سان گڏوگڏ پاڪ فوج جي دستن اردن جي شاهه عبدالله کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاهد خاقان عباسي به شاهه عبدالله جو شاندار استقبال ڪيو. دوري دوران شاهه عبدالله صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقاتون ڪندو، جن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کي مديني جهڙي رياست بڻائينداسين: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جهڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے