21 بدھ , فروری 2018

سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءَ سارا ٽنڊولڪر جو جعلي ٽوئٽر اڪائونٽ ٺاهڻ وارو سافٽ ويئر انجينئر گرفتار

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءَ سارا ٽنڊولڪر جو جعلي ٽوئٽر اڪائونٽ ٺاهڻ وارو سافٽ  ويئر اجينئر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ساراٽنڊولڪر جي نالي سان جعلي ٽوئٽر اڪائونٽ ٺاهڻ واري سافٽ ويئر انجينئر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ممبئي پوليس جو چوڻ آهي ته هي مسئلو اصل ۾ 2017جو آهي، هن ماڻهون سارا جي نالي سان جعلي اڪائونٽ ٺاهي ڀارتي سياسي جماعت نيشنل ناڪگريس پارٽي جي ليڊر شرد پوار خلاف غير اخلاقي تبصرا ڪيا هئا. مسئلو سامهون اچڻ کان پوءِ ٽنڊولڪر جي پرسنل اسٽنٽ ممبئي جي سائبر پوليس ۾ سارا جي نالي سان جعلي اڪائونٽ ٺاهڻ واري شخص خلاف شڪايت داخل ڪئي هئي. شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته جنهن وقت جعلي اڪائونٽ سان تبصرا ڪيا ويا ان وقت ساره پنهنجي تعليم جي سلسلي ۾ لنڊن ۾ موجود هئي. سائبر پوليس پاران ڪيل جاچ کان پوءِ اڪائونٽ ٺاهڻ واري 39 سالن جي شخص نتن شيشود کي  آئي ٽي ايڪٽ جي تحت گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان جي قبضي مان ليپ ٽاپ، 2 موبائل فون، ڪمپيوٽر ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيو ويو آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته فرضي اڪائونٽ موبائل فون سان ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ ساره جي تصوير به استعمال ڪئي وئي آهي پوليس موبائل نمبر ۽ آئي پي ايڊريس جي ذريعي ان ماڻهون تائين پهتي. سافٽ ويئر اجينئر کي پوليس گذريل ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ان جي وڪيل جو چوڻ هو ته نتن بي قصور آهي ان کي ڦاسايو ويو آهي. عدالت ٻنهي طرف جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ سافٽ ويئر اجينئر نتن 9 فروري تائين پوليس جي تحويل ۾ ڏنو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ راندين ذريعي امن آڻي سگهجي ٿو: شاهد آفريدي

سوئٽزر لينڊ ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے