15 اربع , آگسٽ 2018

آصف زرداري پ پ جو اهو حشر ڪيو جيڪو مشرف ۽ ضياءَ الحق نه ڪري سگهيا: راڻا ثناءَ الله

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته اسما قتل ڪيس جو جوابدار پنجاب فارنزڪ ليب پڪڙايو، عمران خان کي ٿورا مڃڻ گهرجن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته پنجاب فارنزڪ ليب جوابدار جو نالو ٻڌايو ته ڪي پي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، اسما قتل ڪيس جو جوابدار سندس گهر ۾ ئي موجود هو. هن چيو ته بلوچستان ۾ اسان جون 4 سيٽون هيون، هاڻي به 2 ملڻ جو امڪان آهي، مخالف ڌر گڏ ٿي وڃي ته پنجاب مان سينيٽ جي هڪ سيٽ کٽِ سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري پ پ جو اهو حشر ڪيو جيڪو پريز مشرف ۽ ضياءَ الحق نه ڪري سگهيا آهن. راڻا ثناءَ الله چيو ته پ پ کي سنڌ جي مختلف علائقن تائين محدود ڪيو ويو آهي.  هن چيو ته آصف زرداري پاڻ اي ٽي ايم آهي، سندس بلوچستان اسيمبلي ۾ هڪ به ميمبر ناهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن بلوچستان مان پ پ سيينٽ جي سيٽ کنئي ته هارس ٽريڊنگ ثابت ٿي ويندي. راڻا ثناءُ الله چيو ته رائو انوار کي گرفتار ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، جيڪڏهن زرداري هائوس ۾ هجي ها ته گرفتار ٿي چڪو هجي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کي مديني جهڙي رياست بڻائينداسين: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جهڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے