24 ہفتہ , فروری 2018

عمران خان جي انڪار تي شاهه رخ خان مايوس

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان جا ته پوري دنيا ۾ هزارين مداح آهن پر شاهه رخ خان پاڻ اڳوڻي ڪپتان پاڪستاني ڪرڪيٽر ۽ سياستدان عمران خان جو مداح آهي عمران خان شاهه رخ خان جي دل ٽوري ان کي مايوس ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته بالي ووڊ جو مشهور اداڪار شاهه رخ خان جا ته ڪروڙين مداح پوري دنيا ۾ ڏٺا ويندا آهن ۽ پنهنجي پسند اسٽار جو هڪ آٽوگراف وٺڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطارون لڳائي بيٺا رهندا آهن. پر ڪروڙن جي دلن تي حڪمراني ڪرڻ وارو ڪنگ خان پنهنجي وقت جي بهترين رانديگر ۽ پاڪستان جي سياستدان عمران خان جو مداح آهي ان جو هڪ آٽوگراف وٺڻ لاءِ شاهه رخ خان کي ڪنهن عام انسان وانگي انتظار ڪرڻو پيو هو، پر پوءِ به ان کي آٽو گراف نه پر دڙڪا مليا هئا.  شاهه رخ خان  حال ۾ ڏنل هڪ انٽرويو وڌيڪ وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هن عمران خان لاءِ پنهنجي محبت ۽ پسندگي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ماضي جو هڪ قصو دهرائيندي چيو ته هڪ ڀيرو عمران خان جو آٽوگراف وٺڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو. انٽرويو ڏينهن شاهه رخ خان چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ڀارت  آيل هو ته ۽ دلي جي فيروز شاهه ڪوٽله ڪرڪيٽ اسٽيديم ۾ ميچ به جاري هئي. اتي شاهه رخ خان به موجود هو ۽ انتظار ڪري رهيو هو ته عمران خان فارغ ٿئي ته ۽ مان ان سان آٽوگراگف وٺي سگهان.  ان وقت عمران خان وڌيڪ اسڪور نه ڪرڻ جي سبب آئوٽ ٿي ويو هو ۽ شايد ان سبب ٿوري پريشاني جو شڪار هو جڏهن مان ان سان آٽو گراف وٺڻ ويس ته ان مونکي دڙڪا ڏنا ۽ آٽوگراف ڏيڻ بغير هليو ويو جنهن سبب مان مايوس ٿي ويو هئس. عمران خان سان گڏ پهرين ملاقات جو تجربو وڌيڪ خوشگوار نه ٿيڻ جي باوجود شاهه رخ خان عمران خان کي بي حد پسند ڪندو آهي ۽ اڄ به ان جو وڏو مداح قرار ڏيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اداڪاري منهنجو جنون ۽ روح جي غذا آهي: ڪرينا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ بيبو گرل ڪرينا ڪپور خان چيو آهي ته اداڪاري منهنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے