18 سومر , جون 2018

ڊاڪٽر فاروق ستار جي نيت ۽ قابليت تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم ۾ اختلافن جو سبب بڻيل ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڪنهن کي ڊاڪٽر فاروق ستار جي نيت ۽ قابليت تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪابه لالچ يا مجبوري ناهي، هو مهاجر قوم لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار جي 35 سالن جي سياست ۾ مخالف به مٿس ڪرپشن جو الزام نه ٿا هڻي سگهن. سندس چوڻ هو ته اختلاف سڳن ڀائرن ۾ به هوندا آهن پر ڪنهن کي ڇڏيو نه ويندو آهي. ڪامران ٽيسوري چيو ته جيڪڏهن فاروق ستار کيس چيو ته هڪ منٽ ۾ هٿ کڻندو ٻي صورت ۾ ڪيتري به مخالفت ٿي وڃي مان چونڊن ۾ حصو وٺندس. هن چيو ته فاروق ستار 23 آگسٽ تي ڏکي صورتحال مان پارٽي کي ڪڍي آيو، کيس اميد آهي ته هاڻي به اختلاف ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ڪامران ٽيسوري چيو ته منهنجي ڪري پارٽيءَ ۾ اختلافن جون ڳالهيون بي بنياد آهن، فاروق ستار منهنجو ليڊر آهي سندس هر فيصلي تي عمل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل آباد ۾ بس هوسٽس جو قتل، پنجاب جي نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ بس هوسٽس  جي قتل واري واقعي جو نگران وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے