24 ہفتہ , فروری 2018

نوجوان انتظار حسين جي قتل ۾ 2 پوليس اهلڪار ملوث قرار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سي ٽي ڊي جي جاچ ٽيم انتظار قتل ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن موجب نوجوان کي ڄاڻي ٻجهي قتل ڪيو ويو ۽ پوليس اهلڪار بلال ۽ دانيال واقعي ۾ سڌو ملوث آهن. سي ٽي ڊي جي شروعاتي رپورٽ ٻن ڏينهن اندر عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ايس ايس پي مقدس حيدر تي قتل جي سازش ۽ رٿابندي جون اڃا تائين شاهديون نه مليون آهن. پوليس اختيارين موجب جوابدارن جي نامزدگي جو فيصلو عدالت ڪندي. ٻئي طرف مقتول انتظار جي والد انصاف نه ملڻ تي بک هڙتال جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ڪنگز جي پي ايس ايل ٿري ۾ فتح سان انٽري

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے