20 سومر , آگسٽ 2018

ڪراچي ۾ چيني شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڀارت ملوث آهي: احسن اقبال

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته افغانستان ۾ امڪاني جنگ لاءِ آمريڪا کي پاڪستان جي ضرورت پوندي. آمريڪي اخبار واشنگٽن ٽائمز کي انٽرويو ڏيندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان کانسواءِ افغانستان ۾ آمريڪا جي جنگ کٽڻ جا امڪان گهٽ آهن. هن چيو ته آمريڪي الزامن سان ٻنهي ملڪن ۾ بي اعتمادي وڌي رهي آهي، تنهن ڪري ٻنهي ملڪن کي گڏجي ويهي ڳالهين ذريعي بي اعتمادي جو خاتمو ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ لاڳاپن جي خرابي سان خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو. احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به محفوظ ٿاڪ نه آهن. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان پاڪستان جو اقتصادي اثر رسوخ وڌي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا اشارو ڏنو آهي ته پاڪستان کي ملندڙ اقتصادي امداد بند نه ڪئي ويندي. احسن اقبال چيو ته آمريڪي ڪانگريس ۾ مختلف لابيز آهن جيڪي پنهنجي پسند جا بل متعارف ڪرائينديون رهنديون آهن، سندن امداد بند ٿيڻ جو امڪان ناهي. هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو اعتراف ڪيو آهي ته ڀارت سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ نيٽ ورڪ تيار  ڪيو آهي تنهن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ڪراچي ۾ چيني شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڀارت جو هٿ آهي. سندس چوڻ هو ته افغان حڪومت غلط بياني ڪري رهي آهي، جيڪي ماڻهو سندن حوالي ڪيا ويا سي دهشتگرد نه پر عام شهري آهن. احسن اقبال چيو ته ڀارت جي ڪريل طريقن سان پاڪ چين دوستي ڪمزور نه مضبوط ٿيندي، اسان سي پيڪ کي سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن تي ٻڌل هڪ فورس تيار ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عثمان بوزدار جي چونڊ پنجاب ۾ نئين دور جي شروعات آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير عثمان بوزدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے