23 اربع , مئي 2018

فاروق ستار ۽ رابطا ڪميٽي سينيٽ لاءِ الڳ الڳ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيوايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۾ سينيٽ جي اميدوارن تي اختلاف شديد اختيار ڪري ويا آهن ۽ ٻنهي ڌرين الڳ الڳ اميدوارن جا نالا ڏئي ڇڏيا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته هاڻي سينيٽ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ئي مشورو ٿيندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي هنڊي وچ چواٽي تي ايئن نه ڦاٽڻ گهرجي ها، آئين ڏيکاريندڙ ڇا هاڻي ڪنوينر کي به ڪڍڻ جي پويان آهن. سندس چوڻ هو ته فيصل سبزواري تمام گهڻيون ڪڙيون ڳالهيون ڪيون آهن، ورهائڻو هجي ها ته مان پهريون ئي رابطا ڪميٽي کي ٽوڙي ڇڏيان ها. هن چيو ته اسان جي اميدوارن جا نالا فائنل ٿي چڪا آهن جن کي سڀني واڌايون پيش ڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته جنرل ڪيٽيگري لاءِ ڪامران ٽيسوري جو نالو پهرين نمبر تي آهي. فاروق ستار طرفان اعلان ڪيل نالن ۾ ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ لاءِ احمد چنائي ۽ حسن فيروز جڏهن ته جنرل ڪيٽِيگري لاءِ خواجه سهيل منصور، قمر منصور، علي رضا عابدي، شاهد پاشا ۽ عامر چشتي جا نالا سامهون آيا آهن.  عورتن جي سيٽ تي نگهت شفيق ۽ منگلا شرما جا نالا سامهون آيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision of the PPP not to be presented for the next financial year

ڪي پي جو حڪومت ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپخونخواهه حڪومت ايندڙ مالي سال 19-2018 جو بجيٽ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے