24 خميس , مئي 2018

ڀارت ٽئين ون ڊي ميچ ۾ به ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪيپ ٽائون( اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ٽئين ون ڊي ميچ ۾ به ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي سريز ۾ 0-3 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، ڀارتي ٽيم ڪپتان وراٿ ڪوهلي جي 160 رنسن جي ناقابل شڪست انينگز جي مدد سان ڏکڻ آفريڪا کي 124 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ٽئين ون ڊي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان ڀارت کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن جو ڀارتي ٽيم ڀرپور فائدو وٺندي پهريان بيٽنگ ڪندي ڪپتان وراٿ ڪوهلي جي شاندار 160 ۽ اوپنر شيکر ڌون جي 76رنسن جي مدد سان مقرر 50 اورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 303 رنسون ٺاهيون ۽ ڏکڻ آفريڪا کي 304 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ڏکڻ آفريڪا طرفان جي پي ڊوميني 2، ڪرس مورس، ربادا ۽ عمران طاهر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم طرفان مليل 304 رنسن جي جواب ڏکڻ آفريڪي ٽيم ڀارتي بالرن اڳيان واريءَ واري ڀت ثابت ٿي ۽ سموري ٽيم 40 اورن ۾ 179 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، ڏکڻ آفريڪا طرفان جي پي ڊوميني 51 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ڀارت طرفان ليگ اسپنر يزويندر چاهال ۽ ليفٽ آرم اسپنر ڪُلديپ ياديو 4. 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو  ڀارتي ڪپتان کي 160 رنسن جي شاندار انينگز کيڏڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

اي بي ڊي ويليئرز عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمنٽ جو  اعلان  ڪري ڇڏيو

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي مشهور بيٽسمين اي بي ڊي ويليئيرز هر فارميٽ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے