17 جمعو , آگسٽ 2018

پاڪستان جا مشال خان بچائڻ جا گس ڳولڻ جي گهرج

دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ڪوڙي مذهبي الزام ۾ قتل ڪيل نوجوان شاگرد مشال خان ڪالهه 61 ڄڻن مان 57 ڄڻن کي سزائون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان مان مکيه ملزم کي ڦاهيءَ جي سزا، پنجن ڄڻن کي جنم ٽيپ ۽ 22 ڄڻن کي چار چار ورهيه سزا ٻڌائي آهي. جڏهن ته 26 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪالهه هريپور سينٽرل جيل ۾ خاص عدالت جي جج فضل سبحان اهو فيصلو ٻڌايو.  مشال خان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 58 جوابدارن کي سينٽرل جيل هري پور ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج فضل سبحان جي سامهون پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي هري پور جي سيٽرل جيل ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخ انتظام ڪيا ويا ۽ جيل جي چوڌاري سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جا دستا مقرر ڪيا ويا. عدالت پنجن پنجن جوابدارن کي گهرائي سزا ٻڌائي. ڪل 58 جوابدارن مان 26 کي شڪ جو فائدو ڏئي آزاد ڪري ويو آهي.

صوبي خيبرپختونخواهه جي شهر مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ گذريل سال 13 اپريل تي ماس ڪميونيڪيشن جي هشيار ۽ پوزيشن کڻندڙ شاگرد 23 ورهين جي مشال خان کي سندس ڪمري ۾ گوليون هڻي سندس زخمي جسم کي گهلي يونيورسٽي جي ميدان ۾ آندو ويو جتي ڪجهه شاگردن پاران مڇرايل هجوم جنهن ۾ شاگرد ۽ يونيورسٽي جا ملازم شامل هئا، تن مختلف اوزارن، پٿرن، بوتلن ۽ شيشن سان سخت تشدد ڪري مذهب جي توهين جو الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو هو.

پوليس جاچ موجب مشال خان خلاف مذهب خلاف ڪي به ڳالهيون ڪرڻ جي ڪابه ڳالهه ثابت نه ٿي. ان قتل ڪيس ۾ 61 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو، جن مان 57 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، هڪ ڄڻو ڪجهه هفتا اڳ گرفتار ڪيو ويو جنهن تي ڌار ڪيس هلي رهيو آهي جڏهن ته ٽي ڄڻا فرار آهن. 30 جنوري تي قتل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو، جنهن کي ڪالهه ٻڌايو ويو.

ٻئي پاسي، ڪي پي سرڪار اعلان ڪيو آهي ته عدالت پاران آزاد ٿيندڙ 26 ڄڻن خلاف سرڪار اپيل داخل ڪري رهي آهي ته جيئن انصاف مڪمل نموني نظر اچي.

مشال خان جي والد اقبال خان لالا برطانيه جي شهر برمنگهم مان ”بي بي سي“ سان ڳالهائيندي ان فيصلي کي ناانصافي ڪوٺيو ۽ چيو آهي ته جڏهن وڊيوز ۽ ٻين ثبوتن ۾ سمورا ماڻهو ڏوهي آهن ته پوءِ 26 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ ۽ سزائون نه ڏيڻ جو منطق سمجهه کان ٻاهر آهي. مشال خان قتل ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ مقتول جي ڀاءُ ايمل خان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه پوليس کان اپيل آهي ته مفرور مرڪزي جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي پوليس گهر جي حد تائين مناسب سيڪيورٽي ڏئي ۽ ان ضمن ۾ پوليس سان ڪا به شڪايت ناهي پر خيبرپختونخواهه پوليس مفرور جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪري. فيصلو اچڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي به گهر جو ڪو فرد اهڙي واقعي کان پوءِ وڇڙي وڃي ته تڪليف ٿيندي آهي، الله نه ڪري ڪنهن سان اهڙو واقعو ٿئي، مشال جي قتل ٿيڻ کان پوءِ اسان به هر وقت قتل ٿيو، منهنجي ماءُ اڄ به مشال کي ياد ڪندي تڙپندي آهي، اڄ به تڪليف ٿي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ ٿيندي رهندي ڇو ته مشال جي خال کي ڪابه سزا پورو ڪري نه ٿي سگهي.

مشال خان قتل ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر عائشه گلالئي چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۽ سنڌ پوليس هڪ جهڙي آهي ٻنهي ۾ سياسي مداخلت آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه گلالئي چيو ته مشال خان قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار عارف خان کي اڃان تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو ڇو ته هو پي ٽي آءِ جو ڪونسلر آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پوليس ۾ سياسي مداخلت آهي. عائشه گلالئي جو چوڻ هو ته ڪوهاٽ ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي عاصمه راڻي جي قاتل جو گرفتار نه ٿيڻ به فڪر جوڳو آهي ڇو ته جوابدار مجاهد آفريدي پي ٽي آءِ اڳواڻ آفتاب عالم جو ڀائٽيو آهي جنهن کي پوليس بروقت ڪارروائي ڪري گرفتار ناهي ڪيو.

پاڪستان ۾ عقيدن جي آڙ ۾ ماڻهو مارڻ جو سلسلو بند ناهي ٿيو. پنهنجي ذاتي ۽ سماجي انتقام جي باهه ۾ پنهنجي مخالفن يا جن سان پُڄي نه سگهجي تن کي رسالت ۽ الله جي مقدس نالن جي آڙ ۾ قتل ڪرڻ، ماڻهو مارڻ ۽ سڄي سماج کي هيسائڻ جو سلسلو جاري آهي. ملڪ جي مختلف وسندين ۾ جيڪي به مسلمان توڙي نان مسلم ان باهه ۾ ساڙيا ۽ ماريا ويا آهن تن جي اڪثر قتل ڪيسن جي جاچ ۾ ڪنهن به هنڌ تي مقتول پاران اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي ويئي هئي جيڪا ڪنهن کي مڇرائي يا ان جي جذبن کي نقصان پهچائي.

مشال خان هجي يا ڪو ٻيو نوجوان ان جي خال کي سندس گهر ڀاتي ته هر گهڙي محسوس ڪندا رهندا پر سماج ۾ جيڪو سهپ ۽ رواداري جي خلاف ماحول ٺهي رهيو آهي، ان سماجي عنصر ۽ فيڪٽر کي سرڪاري طور ۽ غيرسرڪاري طور ختم ڪرڻ جي گهرج آهي. ان سلسلي ۾ ملڪ جا قانونساز ادارا پڻ اهڙا قانون جوڙين، جنهن سان ان سماجي وبا جو خاتمو ٿي سگهي. سزائن ۽ ڦاسين سان ڪن خاص ڏوهن ڪندڙن کي پنهنجو انجام ته ملي سگهندو پر سماج ۾ جن آزادي، رواداري ۽ بحث جي کليل فضائن جي گهرج آهي تنهن ماحول کي وڌائڻ سان ڪوبه مشال خان نه مري سگهندو، ڪنهن به سلمان تاثير کي بندوقن سان ماري نه سگهبو.

خميس 8 فيبروري  2018ع، 21 جمادي الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

14 آگسٽ آزاديءَ جو ڏينهن

اڄ 14 آگسٽ آهي، اڄ کان 71 سال اڳ، يعني 14آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے