19 پیر , فروری 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو ته “ادا…چوندا آهن ته “هم ڀلا يا همارا ڀائي… جهڙي ڌوڙ تهڙي ڇائي…” اسان لاءِ ته سڀ سياستدان هڪجهڙا آهن، هڪڙا عهدن کسجڻ کان پوءِ پنهنجي بولتي بند ڪري ڇڏيندا آهن، پر شرجيل جهڙا ماڻهو ڳالهائيندڙ جيل ۾ به ڳالهائيندا رهندا آهن، پر خورشيد شاهه جي ته ذميواري آهي ته هو اپوزيشن لاءِ ايوان ۾ ۽ ٻاهر پارٽي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائيندو رهي، سڀني ڳالهائيندڙن جو نشانو نواز شريف، ۽ نواز شريف جو نشانو عدالت ۽ جج آهن، جڏهن ته عمران خان جو نشانو نواز شريف ۽ آصف علي زرداريءَ جا ڏوڪڙ آهن، ان لاءِ سڄي ملڪ جي عوام کي جلسن جلوسن ۾ دربدر ڪيو ٿو وڃي، پر عوام ويچاري جي تڪليفن ۽ مسئلن جي حل جو ايندڙ اليڪشن ۾ ڪنهن وٽ به ڪو منشور نه آهي. هي ملڪ بي انتها قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيل، گيس، ڪوئلو، قيمتي پٿر ۽ سون جون کاڻيون آهن، اسان وٽ ايٽم بم ۽ جديد ايٽمي ٽيڪنالاجي آهي، دنيا جي طاقتور ترين فوج آهي، نمبر ون جاسوسي ادارا آهن، مسلمان ملڪن جي گڏيل فوجن جو سربراهه اسانجو راحيل شريف آهي، اسانجا مزدور به سعودي عرب ۾ پنجابي سرائيڪي هوٽلون، ٽرانسپورٽ ۽ حج جي سيزن کي منهن ڏيڻ ايندا آهن، ۽ سعودي عربيه ۾ وڳوڙي وسندين کي اسانجا فوجي ڪنٽرول ڪريو ويٺا آهن،

دمام هجي يا خبر مڪمل ڪنٽرول پاڪستاني فوج جي حوالي آهي، اڄ ڪلهه وري ڪشمير تي انڊيا جا حملا وڌي ويا آهن ۽ روز بارڊر تي جهڙپون آهن، انهن کي پئي فوج منهن ڏئي، اسٽيبلشمنٽ جي فارمي ڪڪڙ نواز شريف کي ديسي ڪڪڙ ٿيڻ جو جنون جاڳي پيو آهي، کيس اها خبر هئڻ گهرجي ته فارمي ڪڪڙ مشين مان ٺهندو آهي ۽ ديسي ڪڪڙ نر مادي جي ميلاپ کان پوءِ قدرتي نظام تحت پيدا ٿيندو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير کي قدرت پنهنجي نظام تحت پيدا ڪيو، جڏهن جنهن جنرل ضياءُ  الحق ۽ مشرف ٻنهي کي شهيد ڪرائي، آمريڪي مشينريءَ کي نواز شريف پيدا ڪري، تيار ڪري ڏنو، ۽ هن جي ئي هٿان، هن کي ڏوڪڙ ڏيئي، انهن جي حڪومت جو خاتمو ۽ شهادت جا مرحلا طئي ڪرايا، ۽ اڄ اهي ئي کيس نااهل ڪري، کارايل مال پاڻي واپس وٺي، فارمي ڪڪڙ حلال ڪرڻ ٿا چاهين، ته هو هاڻ پاڻ کي ۽ پنهنجن ٻچن تي ڪوبه الزام ٻڌڻ نٿو چاهي. ڀٽا شهيد سنڌ ۽ سنڌين جو دنيا جي تاريخ ۾ ڳاٺ اونچو ڪري ويا، ڀٽي مسلمان مردن ۽ بينظير مسلمان ۽ سنڌي عورتن کي دنيا ۾ غيرت سان جيئڻ سيکاريو ۽ حق لاءِ حسيني طريقي جي زندگيءَ تي فخر سان امر ٿيڻ سيکاريو.”

ڪامريڊ سليم چيو ته “جوڳي… مهاجرن کي به مهاجرستان، جناح پور جو تصور ۽ مهاجرن کي پاڪستان ۾ اڪيلو ڪري، وجود مڃرائڻ وارو الطاف جلاوطن ٿيو ويٺو آهي، ۽ هتي ايم ڪيو ايم کي اسٽيبلشمنٽ “را” جو ايجنٽ بنائي، ٽڪرا ٽڪرا ڪري ملڪ دشمن بنائي ڇڏيو آهي  ۽ هاڻ سينيٽ جي چونڊن جي آڙ ۾ وري ٻيا ٽولا به ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهيا آهن، ڪڏهن به ڇا به ٿي پوي مهاجرن جا ميمبر ڪنهن به غير مهاجر کي ووٽ نه ڏيندا، عام ووٽر اڄ به الطاف جي حڪم جا منتظر آهن  ۽ سينيٽر جيڪي به چونڊجي آيا مرڪز ۾، اهي به ووٽ فاروق ستار ۽ صديقيءَ جي چوڻ تي نه، بلڪه الطاف جي چوڻ تي ڏيندا، الطاف سان سينيٽ ۾ زرداري صاحب جو سودو ۽ سوٿي وارو مرحلو طئي ٿي چڪو آهي، مهاجرن کي سنڌ ۾ صرف سنڌين سان ئي رهڻو آهي،

مواليءَ اها ڳالهه ٻڌي چيو ته “آئي ٽانڊي لاءِ ۽ ٿي ويٺي بورچياڻي”، سنڌ اسان جي ماءُ آهي، توهان جهڙا ڪئين هتي ڪاهون ڪري آيا، عرب، ارغون، ترخون، ايراني ۽ انگريز ٻه سو سال به حڪمراني ڪري، سنڌين هٿان شڪست کائي هليا ويا، سنڌ سدا آباد رهندي، ها… جيڪي سنڌ کي پنهنجي ڌرتي ۽ وطن سمجهي ويهي رهيا، اهي اڄ به پهرئين سنڌي، پوءِ سيد، بلوچ ۽ سرائيڪي آهن، توهان کي هندستاني سمجهي سنڌين پنهنجا شهر، ڳوٺ آباد ڪرڻ لاءِ ڪونه ڏنا هئا، بلڪه مظلوم مسلمان سمجهي مان ڏنو هو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ اهي جيڪي ڦرلٽ ڪري هتي به اچي هندن جا محل، ماڙيون ڪوڙيون لکڻيون ڏيکاري پنجابين ڪامورن کي مال پاڻي کارائي کائي ويا، اوهانجا اهي پوڙها پڪا مري کپي ويا، توهان جو موجوده نسل ته هتي ڄائو، سنڌ جو ان پاڻي کائي پي جوان ٿيو آهي، هاڻ جيڪڏهن سنڌي ٿي سنڌ ۾ رهڻ نٿا چاهين ته پوءِ ٻڌن ٽپڙ، ڇو جو پيپلز پارٽي ڀٽي شهيد جي پارٽي آهي، جنهن چيو ته ڪشمير حاصل ٿيڻ تائين اسان هندستان سان جنگ جوٽيون بيٺا هونداسين، گاهه کائينداسين پر ايٽم بم ٺاهينداسين ۽ هندستان سان هزار سالن تائين جنگ ڪنداسين، هيءَ پ پ ان شهيد جي پارٽي آهي جنهن ايٽم بم ٺاهي ان پاڪستان کي هميشه لاءِ بچائي ورتو جنهن لاءِ نهرو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ته پاڪستان جي عمر صرف 52 سال آهي، هندستان آمريڪي سازش تحت مشرقي پاڪستان کي بنگلا ديش بنايو، پر ڀٽي شهيد جن 90 هزار فوجين هندستان اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، تن کي به واپس آندو ۽ مغربي پاڪستان جو انڊيا جي قبضي هيٺ آيل ٽڪرو به ڇڏايو، گڏيل قومن ۾ اصولن تي سودي بازي ڪرڻ بدران دليريءَ سان تقرير ڦاڙي، بائيڪاٽ ڪري هليو آيو، جڏهن چين ويو ته چو اين لائيءَ چيس ته تون هارين لاءِ مفت زمينون، مزدورن لاءِ ڪارخانا ڏيڻ جو اعلان جلد بازيءَ ۾ ڪري رهيو آهين. تڏهن ڀٽي صاحب چيو ته هي مونکي جيئرو ڪونه ڇڏيندا، مون وٽ وقت ٿورو آهي، ان ڪري برپٽ ۾ ٻج ڇٽيان ٿو، پاڻهي هڪڙي ڏينهن اهو وڻ ٿيندو، ۽ هاڻ بلاول ۽ آصف زرداري ان وڻ جو هڪ ڦل کائي چڪا، جنهن کي شهيد راڻي جي خون سان آباد ڪيو ويو آهي، ۽ هاڻ ان وڻ جو اصل ميوو ايندڙ نسل، ايندڙ اليڪشن ۾ کائيندو، بلاول وزيراعظم ٿيندو ۽ ڪشمير ڪميٽي تي هميشه رهندڙ فضل الرحمان ملڪ جو صدر هوندو ۽ توهان ايم ڪيو ايم وارا سيٽون ساڳيون کڻندا پر هوندا وري به پيپلز پارٽي جي پٺيان، سنڌ ۾ توڙي مرڪز ۾…”

تڏهن مون چيو ته “ميان…سڀ پيا سڃاڻپ ٻڌايو، اڙي چريا… اصل ڳالهه اها آهي ته هيءُ ملڪ اسلام جي نالي ۾ انگريزن مسلمانن جو عظيم الشان هندستان ٽڪرا ٽڪرا ڪري اسلام ۽ مسلمانن کان انتقام ورتو، اڄ به هندستان ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي ۽ اسان کان وڌيڪ انهن کي آزادي آهي، انهن جي مسجدن ۽ امام بارگاهن تي پوليس ۽ رينجرز وارا پهرو ڪونه ٿا ڏين، اهل حديث جي ذاڪر نائيڪ جي ليڪچر کي ٻڌڻ ۽ سوال جواب ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ هندو به اچن ٿا. تبليغ وارن جا وڏا اجتماع ٿين ٿا ۽ محرم ۾ مجلسون ۽ ماتمي جلوسن کي به آزادي آهي ۽ هندو انهن ۾ به شريڪ ٿين ٿا. خواجه اجمير تي فلمساز ۽ اداڪار پنهنجين فلمن جي ڪاميابي لاءِ باسون باسين ۽ پڙ چاڙهين ٿا، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪن علائقن ۾ هندو ڪٽرپڻي جو مظاهرو ڪندي، مسلمانن کي جاني ۽ مالي نقصان پهچائين ٿا، پر جيئن اسان وٽ هندو ڇوڪريون اغوا ڪري، زوري مسلمان ڪري، شاديون ڪرڻ يا مٺيءَ ۾ به هندو واپاري ڀائر گوليون هڻي ماريا ويا، قاتلن جو ڪوبه پتو نه پيو، يا معصوم ٻارڙين کي حوس جو نشانو بنائي، قتل ڪرڻ جهڙا واقعا انڊيا ۾ گهٽ آهن، فلم انڊسٽري تي مسلمان پٺاڻ دليپ ڪمار کان وٺي شاهه رخ، سلمان خان ۽ عامر خان اڄ به ڇانيل آهن. اسان وانگر ڪتا، گڏهه ۽ ڪڪڙن جا آنڊا ڪونه ٿا کارايا وڃن، ان ڪري ڪشمير تي پ پ ۽ زرداريءَ جي پاليسي فوج جي حق ۾ آهي، نواز شريف وانگر موديءَ کي نياڻي جي شاديءَ ۾ بنا ويزا جي گهر ۾ گهرائڻ، يا انڊيا مان هزارين مزدور گهرائڻ، ۽ هروڀرو هندستان کي مٿي تي کڻڻ، پ پ جي پاليسي نه آهي، بلڪه ان سلسلي ۾ جيترو پ پ اڳيان آهي، اوترو اسٽيبلشمنٽ جو دادلو عمران خان به واضع نه آهي، ان ڪري لڳي ٿو ته ڏيهي پرڏيهي ادارا سينيٽ جي چونڊن کانپوءِ  پنهنجي حمايتي پارٽي اڳيان آڻيندا. جيڪڏهن بلوچستان مان واقعي اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جمالي پ پ ۾ اچي ٿو ته پوءِ ممڪن آهي ته اهو صدر پاڪستان ۽ زرداري صاحب وزيراعظم پاڪستان ٿي پئي ۽ پنجاب مان ۽ سرحد مان ن ليگ جا نامور نالا پ پ ۾ اچي، وزارتون ماڻين ۽ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي چيئرمين جي حيثيت ۾ نواز شريف وانگر، ڪنگ ميڪر جي حيثيت ۽ پروٽوڪول ۾ دنيا جا دورا ڪري، ۽ ادي فريال هن دفعي سنڌي جي وزيراعليٰ جي ڪرسي ماڻي، جيڪا اڳئي هوءَ ڪاميابيءَ سان هلائي رهي آهي. سنڌ جا سڀ سيد، پير ۽ جاگيردار پ پ ۾ پهچي چڪا آهن، سنڌ ته آهي ادي فريال وٽ، باقي پنجاب ۽ مرڪز ۾ باغي ن ليگ ۽ ٻيون ننڍيون جماعتون ۽ ايم ڪيو ايم به پ پ سان گڏ هجن، حالانڪه اسٽيبلشمنٽ مشرف جي ڦوڪڻي ۾ ڪافي هوا ڀري آهي، پر ماحول ۽ آمريڪي ادارا ان عمل جي ڀرپور حمايت نه پيا ڪن، آمريڪا جا يهودي مسلمان دشمن پاليسيءَ تي ايترو اڳيان اچي ويا آهن جو سڀني کي تباهه ڪري، کنڊر بنائي، عوام کي مهاجر بنائي، دربدر ڪري ڇڏيو آهي، پر برما ۾ مسلمانن جو ڪوس ۽ يمن جي تباهي تي يهودي ميڊيا جي پاليسي واضع نه آهي، ڇو ته يهودي واپاري ڪلاس سعودي عرب ۾ بن لادن جا اڌ ۾ ڇڏيل ٺيڪا جيڪي ڪرين واقعي کان پوءِ هاڻ وري نوان يهودي ٺيڪيدار جيڪي عراق، شام ۾ نئين تعمير لاءِ پهچي ويا آهن، نواز شريف کي به ان يهودي واپاري ڪلاس ۾ هاڻ وڏيون اميدون آهن. بهرحال اسان جي معدنيات سان مالا مال سنڌ ويچاري امان جي سينڌ سنوارڻ لاءِ ڪنهن وٽ به ڪو پروگرام نه آهي، بلڪه ممڪن آهي ته زرداري صاحب وٽ به جوائنٽ ترقي پروگرام هجي، جنهن ۾ سنڌ جو تيل، ڪوئلو ۽ معدنيات لاءِ ڪو ريفائنري قائم ڪري، سو اسان سنڌين لاءِ ته لڳي ٿو ته هم ڀلا يا همارا ڀائي، جهڙي ڌوڙ تهڙي ڇائي لڳي پئي آهي“ .

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏيرا شاهي جي ور چڙهيل سنڌ

سارنگ پيرزادو سنڌ ڌرتي  جيڪا هزارين  سالن کان پنهنجو وجود قائم رکيون پئي اچي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے